لنڊن(ويب ڊيسڪ)اڄ صبح ڊائوننگ اسٽريٽ تي اسٽارمر چيو ته وزيراعظم بڻجڻ سندس زندگيءَ جو “سڀ کان فخر جوڳو لمحو” هو، پر هن اهو به قبول ڪيو ته هاڻي کيس پنهنجي پارٽي جي حمايت حاصل نه رهي آهي، جنهن کي هو “سٺي دل سان” قبول ڪري ٿو.
ممڪنه جانشين اينڊي بَرنهيم، جيڪو گذريل هفتي ميڪرفيلڊ ضمني چونڊ ۾ ڪاميابي حاصل ڪرڻ کان پوءِ اڄ ويسٽ منسٽر پهچي رهيو آهي، جتي هو پارليامينٽ جي ميمبر (ايم پي) طور حلف کڻندو. ان سان کيس ليڊرشپ جي چونڊ ۾ حصو وٺڻ جو رستو صاف ٿي ويندو. هن اڳ ئي اعلان ڪري ڇڏيو آهي ته هو پارٽي قيادت لاءِ اميدوار آهي.
اسٽارمر پنهنجي عهدي تي برقرار رهندو جيستائين ليبر پارٽي نئون اڳواڻ چونڊي. جيڪڏهن مقابلو ٿيو ته نئون اڳواڻ سيپٽمبر ۾ پارليامينٽ جي واپسي کان اڳ چونڊيو ويندو. هو 10 ڊائوننگ اسٽريٽ ۾ رهڻ دوران بادشاهه سان پنهنجون هفتيوار ملاقاتون جاري رکندو.
اڳوڻي صحت واري سيڪريٽري Wes Streeting چيو آهي ته هو برنهم جي حمايت ڪري ٿو. اسٽريٽنگ پاڻ به ممڪنه اميدوارن مان سمجهيو پئي ويو، تنهنڪري سندس مقابلي کان هٽي وڃڻ برنهم لاءِ رستو وڌيڪ هموار ڪري ڇڏيو آهي.
ليبر پارٽي جا ايم پي اسٽارمر ۽ سندس سياسي ورثي کي خراج تحسين پيش ڪري رهيا آهن، جڏهن ته ريفارم پارٽي جي اڳواڻ نائيجل فراج عام چونڊن جو مطالبو ڪري رهيو آهي. ڪنزرويٽو پارٽي اڳ ۾ چيو هو ته اهڙي ضرورت ناهي. لبرل ڊيموڪريٽس جي اڳواڻ Ed Davey چيو ته عوام بار بار اڳواڻن جي تبديليءَ کان “بيزار” ٿي چڪو آهي، جڏهن ته گرين پارٽي جي اڳواڻ زيڪ پولنسڪي چيو ته ايندڙ وزيراعظم کي “جرئت وارو” هجڻ گهرجي.
اسٽارمر چيو ته هاڻي هو پنهنجي “شاندار زال” ۽ “سهڻن ٻارن”، جيڪي سندس “فخر ۽ خوشي” آهن، سان وڌيڪ وقت گذاريندو ۽ بهترين مڙس ۽ والد بڻجڻ تي ڌيان ڏيندو.
ياد رهي ته دنيا جي پراڻي جمهوريت يعني برطانيا ۾ 10 سالن ۾ ستون وزيراعظم اچي رهيو آهي، جيڪو يورپي يونين مان نڪرڻ بعد سياسي بحران جو مظهر آهي. برطانيا ۾ گروٿ گهٽ ٿي آهي، روزگار جا موقعا به گهٽجي رهيا آهن ۽ مهانگائي ۾ اضافو ڏٺو ويو آهي.










