ايران تي تيل پابنديون 60 ڏينهن لاءِ ختم، هرمز کلي ويو، جهازن جي اچ وڃ شروع

ايران تي تيل پابنديون 60 ڏينهن لاءِ ختم، هرمز کلي ويو، جهازن جي اچ وڃ شروع

برگن اسٽاڪ (ويب ڊيسڪ) سوئٽزرلينڊ ۾ ايران آمريڪا ڳالهين کانپوءِ قطر ۽ پاڪستان گڏيل پڌرنامو (اعلاميو) جاري ڪري ڇڏيو آهي.دفتر خارجا موجب، اسلام آباد معاهدي جي ياداشت (MoU) جي فريم ورڪ تحت ڳالهين جو پهريون دور مڪمل ٿي چڪو آهي.پاڪستان ۽ قطري وزارت خارجا پاران جاري ڪيل گڏيل پڌرنامي موجب، ڌرين ڳالهين جي نگراني لاءِ اعليٰ سطحي ڪميٽي قائم ڪرڻ تي اتفاق ڪري ورتو آهي، ۽ حتمي معاهدي لاءِ 60 ڏينهن جو روڊ مئپ منظور ڪيو ويو آهي. گڏيل پڌرنامي ۾ چيو ويو آهي ته ايران ۽ آمريڪا جي وچ ۾ تڪنيڪي (ٽيڪنيڪل) ڳالهيون فوري طور تي شروع ٿينديون، جڏهن ته آبنائي هرمز ۾ تجارتي جهازن جي آمد و رفت لاءِ رابطا لائن (هڪ لائن) قائم ڪئي وئي آهي. اعلامي ي موجب، لبناني جنگ بندي تي عملدرآمد ڪرائڻ لاءِ هڪ ‘ڊي-ڪنفلڪشن سيل’ قائم ڪرڻ تي پڻ اتفاق ڪيو ويو آهي. ان کان علاوه جوهري (ايٽمي) پروگرام ۽ پابندين بابت ورڪنگ گروپس پڻ جوڙيا ويندا. وزارت خارجا موجب، ڊي-ڪنفلڪشن سيل ۾ لبنان ۽ ثالثي ڪندڙ ملڪ شامل هوندا. ثالثي ڪندڙ ملڪ ڳالهين کي هاڪاري (تعميري) ماحول ۾ اڳتي وڌائڻ لاءِ پنهنجون ڪوششون جاري رکندا، جڏهن ته تڪنيڪي ڳالهيون هفتي جي باقي ڏينهن ۾ ‘برگن اسٽاڪ ريزورٽ’ ۾ جاري رهنديون.

ايران تي تيل پابنديون 60 ڏينهن لاءِ ختم، هرمز کلي ويو، جهازن جي اچ وڃ شروع

آمريڪي خزاني واري کاتي ايران سان لاڳاپيل تيل جي وڪري لاءِ 60 ڏينهن جو عام لائسنس جاري ڪري ڇڏيو. آمريڪي خزاني واري کاتي ايران لاءِ هڪ عام لائسنس جاري ڪيو آهي، جنهن تحت ايران جي اصل ملڪيت وارو خام تيل، پيٽروڪيميڪل ۽ پيٽروليم شين جي پيداوار، پهچ ۽ وڪري جي اجازت 21 آگسٽ تائين ڏني وئي آهي. آمريڪي خزاني واري وزير اسڪاٽ بيسينٽ هڪ بيان ۾ چيو: “سوئٽزرلينڊ ۾ جاري تعميري ڳالهين جي سلسلي ۾ ايران آبنائي هرمز مان آزاد ۽ محفوظ آمدرفت جي ضمانت ڏيڻ ۽ بين الاقوامي ايٽمي توانائي اداري (IAEA) جي معائنو ڪندڙن کي پنهنجي ملڪ ۾ اچڻ جي اجازت ڏيڻ جو واعدو ڪيو آهي.”

هرمز کلي ويو، 2 جهاز 20 لک بيرل تيل کڻي گذري ويا

ٻن خام تيل کڻندڙ جهازن، جن ۾ تقريباً 20 لک بيرل تيل هو، آبنائي هرمز مان گذر ڪيو آهي. جهازن جي نگراني واري ڊيٽا مان ظاهر ٿئي ٿو ته سامونڊي آمدرفت ۾ واڌ اچي رهي آهي. الڳ طور تي، ٻه وڏا آئل ٽينڪر، جيڪي وڌ ۾ وڌ 40 لک بيرل خام تيل کڻي سگهن ٿا، آبنائي هرمز ذريعي خليج ۾ داخل ٿيا. نگراني واري ڊيٽا موجب انهن مان هڪ جي منزل عراق جي بندرگاهه بصره ڏيکاري وئي آهي. هرمز مان جهازن جي آمدرفت اڃا به ان سراسري روزاني انگ جو ننڍڙو حصو آهي، جيڪو ايران تي آمريڪا ۽ اسرائيل جي جنگ شروع ٿيڻ کان اڳ روزانو تقريباً 125 جهازن جو هو.

سعودي عرب جي تيل جي برآمد ۾ گهٽتائي

سعودي عرب مان خام تيل جي برآمدات اپريل ۾ مسلسل ٻئي مهيني گهٽجي تاريخ جي گهٽ ترين سطح تي پهچي ويون. جوائنٽ آرگنائيزيشنز ڊيٽا انيشيٽو (JODI) موجب، اپريل ۾ برآمدات گهٽجي 3.99 ملين بيرل روزانو ٿي ويون، جڏهن ته مارچ ۾ اهو انگ 4.97 ملين بيرل روزانو هو. JODI جي ڊيٽا ۾ سعودي عرب جي خام تيل جي پيداوار ۽ برآمدن جا انگ 2002 کان موجود آهن، جيڪو سڀ کان پراڻو دستياب رڪارڊ آهي. اپريل ۾ سعودي عرب جي خام تيل جي پيداوار به رڪارڊ جي گهٽ ترين سطح تي پهچي 6.32 ملين بيرل روزانو رهي، جڏهن ته مارچ ۾ اها 6.97 ملين بيرل روزانو هئي.

چين پاران ايران آمريڪا ڳالهين جي ڀليڪار

چين جي پرڏيهي وزير وانگ يي نئين دهلي ۾ برڪس اجلاس جي موقعي تي ايران جي سپريم نيشنل سيڪيورٽي ڪائونسل جي نائب سيڪريٽري غدير نظامي سان ملاقات ڪئي. چين جي پرڏيهي وزارت موجب وانگ يي چيو ته آمريڪا ۽ ايران وچ ۾ 14 نقطن تي ٻڌل فريم ورڪ معاهدو “برابري جي جذبي” کي ظاهر ڪري ٿو، گڏيل قومن جي چارٽر جي مقصدن سان هم آهنگ آهي ۽ عالمي لاڳاپن جي اصولن تي ٻڌل آهي. هن چيو ته معاهدي تي عملدرآمد سان “ڏکيائي سان حاصل ڪيل” جنگبندي وڌيڪ مضبوط ٿيندي، ايران ۽ آمريڪا جي لاڳاپن ۾ بهتري جا نوان موقعا پيدا ٿيندا ۽ وچ اوڀر ۾ امن بحال ڪرڻ ۾ مدد ملندي. وانگ يي چيو: “ايران جي جامع اسٽريٽجڪ ڀائيوار طور چين هميشه منصفاڻو ۽ غيرجانبدار موقف اختيار ڪيو آهي، امن لاءِ ٿيندڙ سمورين ڪوششن جي حمايت ڪري ٿو ۽ ايران جي خودمختياري، سلامتي ۽ قومي وقار جي حفاظت جي حمايت ڪري ٿو.” هن تهران پاران خليجي ملڪن ۽ ٻين علائقائي رياستن سان لاڳاپا بهتر ڪرڻ جي ڪوششن کي به ساراهيو. ٻئي طرف، ڀارت ۾ ايراني سفارتخاني موجب غدير نظامي بيجنگ جي سياسي حمايت تي چين جو شڪريو ادا ڪيو.

ايران سان حتمي معاهدي لاءِ ’تمام سٺو بنياد‘ رکجي ويو آهي، جي ڊي وينس

آمريڪي نائب صدر جي ڊي وينس ايران جي منجمد اثاثن بابت ڳالهائيندي چيو:”اسان چاهيون ٿا ته جيڪڏهن ڪڏهن ايراني اثاثا آزاد ڪيا وڃن ته اهڙو نظام هجي جنهن سان يقين ٿئي ته اهو پئسو ايران جي عوام جي ڀلائي لاءِ استعمال ٿئي، نه ڪي دهشتگردي جي مالي مدد لاءِ.”وينس موجب جيئرڊ ڪشنرقطرين سان گڏ هڪ دلچسپ حل تجويز ڪيو، جنهن تحت جيڪڏهن ايراني اثاثا آزاد ڪيا وڃن ته ان عمل تي آمريڪا ۽ قطر ٻنهي جي منظوري ضروري هوندي، ۽ اها رقم ايراني عوام جي فائدي لاءِ آمريڪي مڪئي ۽ ڪڻڪ خريد ڪرڻ تي خرچ ڪئي ويندي.وينس چيو ته انٽرنيشنل اٽامڪ انرجي ايجنسي(آءِ اي اي اي) جا ايٽمي جاچ ڪندڙ جلد ايران واپس ويندا ته جيئن ابتدائي معاهدي تي ايران جي عملدرآمد جي تصديق ڪري سگهن.هن صحافين سان ڳالهائيندي چيو:”اسان کي اميد آهي ته هڪ حتمي معاهدي ۽ مستقل حل تائين پهچنداسين. پر هن وقت اسان وڏي اڳڀرائي ڪئي آهي، ۽ ايٽمي جاچ ڪندڙن جي واپسي بابت سڀني کي ان جو استقبال ڪرڻ گهرجي.”وينس ٻڌايو ته گذريل رات ٻه وڳي هن گڏيل قومن جي ايٽمي جاچ ڪندڙن کي فون ڪري نئين پيش رفت کان آگاهه ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي، پر ڪنهن به فون نه کنيو.هن مذاق ڪندي چيو:”جيئن توهان اندازو لڳائي سگهو ٿا، صبح جو ٻه وڳي گهڻا ماڻهو پنهنجا فون نٿا کڻن.”وينس وڌيڪ چيو ته کيس اميد آهي ته گهٽ ۾ گهٽ هن هفتي دوران اهو رابطي وارو عمل شروع ٿي ويندو، ۽ ممڪن آهي ته ڪجهه ڳالهيون اڄ ئي آءِ اي اي اي ۽ جاچ ڪندڙن سان ٿي وڃن.آمريڪي نائب صدر چيو ته ڳالهين دوران ايراني وفد “واڪ آئوٽ ڪرڻ جون ڌمڪيون ڏنيون”، يا گهٽ ۾ گهٽ سوشل ميڊيا تي اهڙيون ڌمڪيون سامهون آيون، پر ان باوجود ڳالهيون رات جو هڪ وڳي کان پوءِ تائين جاري رهيون.هن چيو:”انهن واڪ آئوٽ نه ڪيو، ۽ سندن فني ٽيم اڃا تائين برگن اسٽاڪ ۾ موجود آهي ۽ اسان جي فني ٽيم سان گڏ ڪم ڪري رهي آهي.”وينس موجب آمريڪا ايران کي واضح پيغام ڏنو:”جڏهن توهان اهڙي قسم جون ڳالهيون ڪندا آهيو، جن کي اسان جي نسل جا ماڻهو شايد ‘ٽريش ٽاڪ’ چوندا آهن، ته پوءِ توهان اها اميد نٿا رکي سگهو ته آمريڪا جو صدر جواب نه ڏيندو يا حقيقتن جي وضاحت نه ڪندو.”هن پنهنجي ڳالهه ختم ڪندي چيو ته ڪجهه “ڌمڪيون” ۽ ڪجهه “شڪايتون” ضرور هيون، پر آخرڪار ڳالهيون جاري رهيون ۽ وڏي اڳڀرائي حاصل ٿي.صحافين سان ڳالهائيندي وينس چيو ته ايران سان ڪامياب حتمي معاهدي لاءِ “تمام سٺو بنياد” رکيو ويو آهي.آمريڪي نائب صدر جي ڊي وينسچيو ته ڳالهيون ڪندڙن “تمام سٺي اڳڀرائي” ڪئي آهي ۽ ايران سان ٿيندڙ اهي ڳالهيون “تمام مثبت” رهيون آهن.

ايران آمريڪا ڳالهين ۾ نمايان اڳڀرائيجي آجيان ڪريون ٿا، ڊار

نائب وزيراعظم اسحاق ڊار سوئٽزرلينڊ جي برگن اسٽاڪ ۾ ٿيل فني سطح جي ڳالهين دوران حاصل ڪيل ”نمايان اڳڀرائي“ جي آجيان ڪئي آهي۔ هڪ بيان ۾ ڊار آمريڪا ۽ ايران پاران اسلام آباد مفاهمتي يادداشت تي عملدرآمد لاءِ ڪيل تعميري سهڪار کي پڻ ساراهيو۔ هن چيو ته پاڪستان جي پرڏيهي وزارت جي هڪ ٽيم هفتي جي باقي ڏينهن دوران به برگن اسٽاڪ ۾ رهندي ته جيئن ڌرين سان فني سطح تي ڳالهيون جاري رکي سگهجن.

ڳالهين ۾ اهم اڳڀرائي، روڪيل رقم ملڻ ۽ تيل تي پابندين ۾ رعايت ملي آهي. عراقچي

ايران جي پرڏيهي وزير چيو آهي ته سندس ملڪ جي تيل تي لاڳو پابندين ۾ نرمي ڪئي وئي آهي ۽ منجمد ڪيل ڪجهه اثاثا به آزاد ڪيا ويا آهن. عباس عراقچي اهو پڻ ٻڌايو ته هڪ “بحالي ۽ ترقياتي منصوبو” شروع ڪيو ويو آهي. ثالثي ڪندڙ ملڪن قطر ۽ پاڪستان موجب ثالثي جي نگراني لاءِ هڪ اعليٰ سطحي ڪميٽي ۽ آبنائي هرمز بابت رابطي جو هڪ خاص چينل پڻ قائم ڪيو پيو وڃي.  ان کان اڳ ڳالهيون ان وقت رڪجي ويون هيون جڏهن آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ تهران جي وفد کي ڌمڪيون ڏئي ايران جي اعليٰ مذاڪراتي نمائندي کي ناراض ڪري ڇڏيو هو. ٽرمپ فاڪس نيوز کي ٻڌايو ته جيڪڏهن ڪو معاهدو نه ٿيو ته آمريڪا ايران تي ٻيهر بمباري شروع ڪري سگهي ٿو ۽ آبنائي هرمز تي “قبضو” به ڪري سگهي ٿو. ثالثن موجب آمريڪا ۽ ايران هڪ “ڊي-ڪنفليڪشن سيل” (تڪرار گهٽائڻ واري گڏيل نظام) قائم ڪرڻ تي اتفاق ڪيو آهي، جنهن کي قطر ۽ پاڪستان سهولت فراهم ڪندا، ته جيئن لبنان ۾ فوجي ڪاررواين جي خاتمي کي يقيني بڻائي سگهجي. اسرائيل ۽ ايران جي حمايت يافته تنظيم حزب الله وچ ۾ جاري ويڙهه ڪنهن به معاهدي جي راهه ۾ اهم رڪاوٽ رهي آهي، جڏهن ته تهران جو اصرار آهي ته اسرائيل جا جان ليوا حملا بند ٿيڻ گهرجن.

سوئٽزرلينڊ ۾ مذاڪراتي وفد جو ڪم مڪمل ٿي ويو، تڪنيڪي ٽيمون پنهنجو ڪم جاري رکنديون: ايران

ايراني پرڏيهي وزارت جي ترجمان اسماعيل بقائي تصديق ڪئي آهي ته سوئٽزرلينڊ ۾ مذاڪراتي وفد جو ڪم مڪمل ٿي چڪو آهي، پر تڪنيڪي (ٽيڪنيڪل) ٽيمون پنهنجو ڪم جاري رکنديون.ايراني پرڏيهي وزارت جي ترجمان اسماعيل بقائي چيو آهي ته سوئٽزرلينڊ ۾ ٿيندڙ ڳالهين جي حوالي سان پڌرنامو (اعلاميو) قطر ۽ پاڪستان پاران جاري ڪيو ويندو.ايراني پرڏيهي وزارت جي ترجمان موجب، آبنائي هرمز ۾ جهازن جي محفوظ آمد و رفت جو طريقڪار (ميڪانزم) جوڙڻ تي اتفاق ڪيو ويو آهي.ايراني پرڏيهي وزارت جي ترجمان جو چوڻ آهي ته حتمي معاهدي جي شروعات لاءِ ڳالهين جو بنياد رکڻ تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي، ۽ ڳالهين ۾ ٻي ڌر جي ذميوارين تي عملدرآمد بابت هاڪاري اڳڀرائي ٿي آهي.

ايران سان ڳالهين ۾ آبنائي هرمز کليل رکڻ تي هاڪاري اڳڀرائي ٿي، چئني ڌريون ان تي مطمئن نظر آيون: آمريڪي سفارتڪار

آمريڪي ويب سائيٽ موجب، آمريڪي سفارتڪار ٻڌايو آهي ته ايران سان ڳالهين ۾ آبنائي هرمز کليل رکڻ تي سٺي اڳڀرائي ٿي آهي. آمريڪي سفارتڪار ٻڌايو ته ڳالهيون هاڪاري رهيون ۽ ڌرين جنگ بندي کي اثرائتو بڻائڻ تي زور ڏنو، جڏهن ته ڳالهين ۾ لبنان ۾ ڇڪتاڻ گهٽ رکڻ جي طريقڪار تي پڻ غور ڪيو ويو. آمريڪي سفارتڪار موجب، آمريڪا واضح ڪيو آهي ته هو آبنائي هرمز کي مڪمل طور تي کليل ڏسڻ چاهي ٿو. سياسي قيادت ۽ تڪنيڪي ٽيمن جي وچ ۾ ايندڙ رابطن جي فريم ورڪ تي پڻ اتفاق ڪيو ويو. آمريڪي ويب سائيٽ موجب، آمريڪي سفارتڪار ٻڌايو آهي ته چئني ڌريون اڄ ٿيندڙ اڳڀرائي تي مطمئن نظر آيون.

پهنجو تبصرو موڪليو