بابر خان لنڊ جي پ پ ضلعي صدر ٿيڻ جي خوشي ۾ ريلي

بابر خان لنڊ جي پ پ ضلعي صدر ٿيڻ جي خوشي ۾ ريلي

ميرپور ماٿيلو(ظھير وسير) پ پ قيادت پاران مير بابر خان لنڊ کي ضلع گھوٽڪي جو صدر مقرر ڪرڻ جي خوشي ۾ گذريل ڏينهن پ پ تعلقه ميرپورماٿيلو جي ورڪرن پاران تعلقه آفيس کان تعلقي صدر غلام نبي وسير، صفت گبول، احمد ڇڄڻ، عابد ميراڻي، غفار وسير جي اڳواڻي ۾ ريلي ڪڍي شهر جي مختلف چوڪن کان ٿيندي ڀٽائي چوڪ پهتي جتي ڪارڪنن پاران جھمريون هڻي مٺائي ورهائي وئي. ان موقعي تي ريلي کي خطاب ڪندي اڳواڻن چيو ته پ پ عوامي پارٽي آهي پ پ قيادت مير بابر خان لنڊ کي پ پ گھوٽڪي ضلعي جو صدر ڪري نهايت ئي بهترين فيصلو ڪيو آهي. هنن چيو ته مير بابر خان لنڊ جي قيادت ۾ پارٽي وڌيڪ مضبوط ٿيندي.

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو