وراثت ۾ عورتن جو حق رياست جو نه پر الله جو مقرر ڪيل آهي

وراثت ۾ عورتن جو حق رياست جو نه پر الله جو مقرر ڪيل آهي

اسلام آباد (بيورو رپورٽ) وفاقي آئيني عدالت پنهنجي هڪ فيصلي ۾ چيو آهي ته وراثت ۾ عورتن جو حق رياست جو نه پر الله جو مقرر ڪيل آهي.وفاقي آئيني عدالت بي بي آمنه ڪيس جي ٻڌڻي ڪئي، جنهن دوران عدالت بلوچستان هاءِ ڪورٽ جو فيصلو ڪالعدم قرار ڏئي ڇڏيو.عدالت پنهنجي فيصلي ۾ بي بي آمنه جي والدين جون سموريون ملڪيتون سول ڪورٽ ۾ پيش ڪرڻ جو حڪم ڏنو ۽ چيو ته سول ڪورٽ آئين ۽ قانون موجب سمورين ملڪيتن ۾ وارثن جي حصن جو تعين ڪري. وفاقي آئيني عدالت عورتن جي وراثتي حقن جو تحفظ يقيني بڻائڻ جو حڪم ڏيندي چيو ته ڪابه علائقائي روايت يا خانداني نظام عورتن کان وراثت جو حق نٿو ڇينھي سگهي، عورتن کي وراثت کان محروم ڪرڻ نه صرف ملڪي قانون پر الله جي احڪامن جي به خلاف آهي. واضح رهي ته درخواست گذار بي بي آمنه ڀائرن پاران وراثت جو مڪمل حصو نه ڏيڻ خلاف عدالت سان رجوع ڪيو هو.

پهنجو تبصرو موڪليو