ايران جي حملن ۾ آمريڪي اڏن کي پهتل نقصان جو جائزو

ايران جي حملن ۾ آمريڪي اڏن کي پهتل نقصان جو جائزو

ڪراچي(ويب ڊيسڪ)بي بي سي ويري فاءِ پاران تجزيو ڪيل سيٽلائيٽ تصويرن ۽ وڊيوز مان معلوم ٿئي ٿو ته جنگ جي شروعات کان هينئر تائين ايران آمريڪا جي 20 فوجي هنڌن کي نقصان پهچايو آهي. ان مان اهو به ظاهر ٿئي ٿو ته ايران جا حملا سرڪاري طور تسليم ڪيل حد کان گهڻو وڌيڪ وسيع هئا.
فيبروري جي آخر کان وٺي ايران وچ اوڀر جي اٺن ملڪن ۾ اهم فوجي ۽ دفاعي تنصيبات کي نشانو بڻايو آهي، جنهن سبب جديد فضائي دفاعي نظامن، هوائي جهازن کي تيل فراهم ڪندڙ ٽينڪر جهازن ۽ ريڊارن کي ڪروڙين ڊالرن جو نقصان پهتو آهي.
آمريڪا ۽ اسرائيل جي حملن جي جواب ۾ تهران گذريل ٽن مهينن دوران آمريڪي فوجي اڏن ۽ گڏيل فوجي تنصيبات تي حملا ڪيا آهن.
پينٽاگون جو چوڻ آهي ته آپريشن “ايپڪ فيوري” جي شروعات کان وٺي هن ايران اندر 13 هزار کان وڌيڪ هدفن کي نشانو بڻايو آهي.
ايران جي سپريم ليڊر مجتبيٰ خامنائي آمريڪي تنصيبات تي حملن ۾ پنهنجي فوج جي ڪاميابين کي نمايان ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي آهي. اڱاري ڏينهن جاري ڪيل هڪ بيان ۾ هن دعويٰ ڪئي ته وچ اوڀر هاڻي آمريڪي فوجي اڏن لاءِ “محفوظ علائقو” نه رهيو آهي.
هڪ پاسي وائيٽ هائوس بار بار دعويٰ ڪندو رهيو آهي ته ايران جي فوج تقريباً تباهه ٿي چڪي آهي، جڏهن ته ٻئي پاسي تجزيه نگارن جو چوڻ آهي ته آمريڪي تنصيبات کي پهتل نقصان ظاهر ڪري ٿو ته تهران جا جوابي حملا آمريڪي عملدارن جي اعتراف کان گهڻو وڌيڪ اثرائتا ۽ وسيع هئا.
هڪ آمريڪي دفاعي عملدار “آپريشنل سيڪيورٽي سببن” جو حوالو ڏيندي بي بي سي ويري فاءِ جي نتيجن تي تبصرو ڪرڻ کان انڪار ڪيو.
آمريڪا تڪرار بابت سيٽلائيٽ تجزيي کي محدود ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي ۽ سيٽلائيٽ تصويرون مهيا ڪندڙ وڏي ڪمپني “پلينيٽ” کان درخواست ڪئي ته ايران ۽ وچ اوڀر جي اڪثر علائقن جون نيون تصويرون “غير معينه مدت” تائين جاري نه ڪيون وڃن.
ڪمپني آمريڪا جي اها درخواست قبول ڪئي ۽ چيو ته هوءَ اهو يقيني بڻائڻ چاهي ٿي ته سندس تصويرون آمريڪا ۽ سندس اتحادي ملڪن خلاف استعمال نه ٿين.
بي بي سي ويري فاءِ پلينيٽ ۽ ٻين ادارن پاران مهيا ڪيل سيٽلائيٽ تصويرن جي بنياد تي ايران جي حملن سبب ٿيل نقصان جو جائزو ورتو آهي.
ايران سعودي عرب، گڏيل عرب امارات، قطر، ڪويت، عراق، اردن، بحرين ۽ عمان ۾ واقع فوجي تنصيبات کي نشانو بڻايو. ڪجهه تجزيه نگارن موجب نشانو بڻايل فوجي اڏن جو انگ 28 تائين ٿي سگهي ٿو.
جن قيمتي فوجي سامانن کي نقصان پهتو، انهن ۾ گڏيل عرب امارات جي الرويس ۽ الصادر ايئر بيسز ۽ اردن جي موفق السلطي ايئر بيس تي نصب ٽي انتهائي جديد اينٽي بيلسٽڪ ميزائل دفاعي نظام شامل آهن.
آمريڪا وٽ ٽرمينل هاءِ آلٽيٽيوڊ ايريا ڊفينس (THAAD) جون اٺ بيٽريون موجود آهن، جيڪي دنيا جي مختلف علائقن ۾ مقرر آهن. هر بيٽري تيار ڪرڻ جي لاڳت لڳ ڀڳ هڪ ارب ڊالر آهي. هر بيٽري هلائڻ لاءِ لڳ ڀڳ 100 فوجين جي ضرورت هوندي آهي، جڏهن ته ان مان فائر ٿيندڙ هر انٽرسيپٽر ميزائل جي قيمت تقريباً هڪ ڪروڙ 27 لک ڊالر آهي.
آئرش دفاعي فوجن جي اڳوڻي سربراهه وائيس ايڊمرل مارڪ ميليٽ بي بي سي ويري فاءِ کي ٻڌايو ته اهي بيٽريون هڪ “تمام پيچيده” علائقائي دفاعي نظام جو بنيادي حصو آهن ۽ انهن کي “جلدي يا آسانيءَ سان تبديل نٿو ڪري سگهجي.”
سيٽلائيٽ تصويرن جي ماهرانه تجزيي مان ظاهر ٿئي ٿو ته ايران جي حملن سعودي عرب جي پرنس سلطان ايئر بيس تي موجود آمريڪي تيل ڀرڻ وارن ۽ نگراني ڪندڙ جهازن کي به سخت نقصان پهچايو. تصويرن ۾ تباهه ٿيل جهاز ۽ ڌماڪن سبب پيدا ٿيل کڏون واضح نظر اچن ٿيون، جتان دونھون اٿندي ڏسجي ٿي.
هڪ تجزيه نگار انهن مان هڪ جهاز جي سڃاڻپ اي-ٿري سينٽري (E-3 Sentry) نگراني جهاز طور ڪئي. آمريڪي ميڊيا موجب ان جي متبادل تي 70 ڪروڙ ڊالرن تائين خرچ اچي سگهي ٿو.
ان کان علاوه ايران ڪويت جي علي السالم ايئر بيس ۽ ڪيمپ عارف جان کي به نشانو بڻايو. تجزيه نگارن سيٽلائيٽ تصويرن ۾ تيل جا بنڪر، جهازن جا هينگر ۽ فوجين جون رهائشگاهون تباهه ٿيل حالت ۾ ڏٺيون.
دفاعي انٽيليجنس ڪمپني جينز موجب ڪيمپ عارف جان ۾ سيٽلائيٽ مواصلاتي سامان کي به وڏي پيماني تي نقصان پهتو آهي.
آمريڪي تنصيبات کي ٿيل نقصان جو صحيح اندازو لڳائڻ ڏکيو آهي، پر مئي ۾ پينٽاگون جي هڪ اندازي مطابق آپريشن ايپڪ فيوري جي مجموعي لاڳت 29 ارب ڊالر آهي، جنهن جو وڏو حصو شايد تباهه ٿيل سامان جي مرمت يا متبادل فراهم ڪرڻ تي خرچ ٿيندو. ڊيموڪريٽس جو چوڻ آهي ته اهو اندازو اصل لاڳت کان گهٽ آهي.
رپورٽ موجب فيبروري کان هينئر تائين گهٽ ۾ گهٽ 42 جهاز تباهه يا نقصان جو شڪار ٿيا آهن. انهن ۾ ايف-15 ۽ ايف-35 جنگي جهاز، 24 ايم ڪيو-9 ريپر ڊرون ۽ هڪ اي-10 حملو ڪندڙ جهاز شامل آهن.
رپورٽ مطابق آمريڪي فوج جي مهانگي سامان جي مقابلي ۾ ايران وچ اوڀر ۾ هدفن تي حملا ڪرڻ لاءِ نسبتاً سستا ڊرون استعمال ڪيا.
بي بي سي ويري فاءِ سان ڳالهائيندڙ ماهرن جو چوڻ آهي ته جنگ دوران ايران جي حڪمت عملي ۾ تبديلي آئي. شروعات ۾ وچ اوڀر جي شهرن ۽ فوجي اڏن تي وڏي پيماني تي ميزائل حملا ڪيا ويا، پر بعد ۾ حملا وڌيڪ درست ۽ مخصوص هدفن تي مرڪوز ٿي ويا.
آمريڪي ٿنڪ ٽينڪ اسٽمسن سينٽر سان لاڳاپيل تجزيه نگار ڊاڪٽر ڪيلي گرييڪو چيو ته شروعات ۾ ايران وڏي تعداد ۾ حملا ڪيا ته جيئن “فضائي دفاعي نظام کي ٿڪائي ۽ ڪمزور ڪري سگهجي.”
هن چيو، “چند ڏينهن اندر ايران ننڍن پر انتهائي درست حملن ڏانهن منتقل ٿي ويو ۽ پنهنجا باقي ميزائل ۽ ڊرون مخصوص اهم هدفن لاءِ محفوظ رکيا. اهڙن هنڌن کي نشانو بڻايو ويو جتي سڌي هٽ نه لڳڻ جي صورت ۾ به نمايان نقصان پهچي سگهي.”
هڪ تجزيه نگار بي بي سي ويري فاءِ کي ٻڌايو ته آمريڪي فوج “جنگ جي شروعاتي مرحلي ۾ ڪجهه حد تائين لاپرواهي جو مظاهرو ڪيو”، ڇاڪاڻ ته تهران جي حڪمت عملي بدلجڻ باوجود آمريڪي فوج پنهنجي جهازن جي جڳهن ۾ مناسب تبديليون نه آنديون.
سندس چوڻ موجب پرنس سلطان ايئر بيس تي جهازن جي تباهي کان اڳ به ان تنصيب تي حملا ٿي چڪا هئا.
ايران جي سپريم ليڊر مجتبيٰ خامنائي واعدو ڪيو آهي ته “علائقي جا ملڪ ۽ سرزمينون هاڻي آمريڪي فوجي اڏن لاءِ ڍال جو ڪم نه ڪنديون” ۽ “آمريڪا لاءِ علائقي ۾ فوجي اڏا قائم ڪرڻ يا مداخلت ڪرڻ لاءِ هاڻي ڪا محفوظ جڳهه نه رهندي.”
ان دوران ٻنهي ملڪن وچ ۾ جنگبندي به دٻاءُ جو شڪار رهي. آمريڪا ڏکڻ ايران تي حملا ڪيا، جڏهن ته ايران جي پاسدارانِ انقلاب علائقي ۾ هڪ آمريڪي فوجي اڏي کي نشانو بڻائڻ جي دعويٰ ڪئي.
ڊاڪٽر ڪيلي گرييڪو خبردار ڪيو ته جيڪڏهن جنگبندي ٽٽي پئي ۽ ويڙهه ٻيهر شروع ٿي ته آمريڪي فوجي اڏن کي پهتل موجوده نقصان مان ظاهر ٿئي ٿو ته سڄي خليجي علائقي جون تنصيبات ڪمزور ثابت ٿي سگهن ٿيون.
هن چيو، “موجوده تڪرار دوران آمريڪا ۽ سندس ساٿين جا فضائي دفاعي ذخيرا وڏي حد تائين استعمال ٿي چڪا آهن. انهن جي تڪڙي بحالي جو ڪو آسان رستو موجود ناهي، جنهن جو مطلب آهي ته مستقبل ۾ ڪنهن به نئين ايراني حملي کي منهن ڏيڻ لاءِ موجود انٽرسيپٽر ميزائلن جو تعداد تڪرار جي شروعات جي ڀيٽ ۾ گهڻو گهٽ هوندو.”

پهنجو تبصرو موڪليو