اسلام آباد: (بيورو رپورٽ ) دهشتگردي جي خاتمي واري خاص عدالتن جي ملازمن کي 30 سالن کان پوءِ ترقي ڏني وئي آهي.
خاص عدالتن جي ملازمن کي ترقي ڏيڻ جو فيصلو حڪومت جي ڊپارٽمينٽل پروموشن ڪميٽي پاران ڪيو ويو. اجلاس ۾ رجسٽرار خاص عدالتون سيد عنايت علي شاهه ۽ سروسز ۽ جنرل ايڊمنسٽريشن جي نمائندن شرڪت ڪئي.
ڪميٽي گريڊ 16 جي ملازمن اسٽينوگرافرن، ريڊرز ۽ اسسٽنٽ کي گريڊ 17 ۾ ترقي ڏني.
دهشتگردي جي خاتمي واري خاص عدالتن جا ملازم گذريل 30 سالن کان ترقين کان محروم هئا. سنڌ صوبي ۾ اي ٽي سي عدالتن جي تاريخ ۾ هي پهرين ترقي آهي










