3 شهرين جي واپسي،17 جي ڳولا جاري، اڳڀرائي رپورٽ طلب

3 شهرين جي واپسي،17 جي ڳولا جاري، اڳڀرائي رپورٽ طلب

ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) سنڌ هاءِ ڪورٽ جي آئيني بينچ ۾ 20 کان وڌيڪ لاپتا ماڻهن جي بازيابيءَ بابت درخواستن تي ٻڌڻي ٿي.ڪراچي جي علائقن سچل، محمود آباد ۽ جمشيد ڪوارٽرز مان لاپتا ٿيل 3 شهري گهر واپس اچي ويا، درخواستگزارن ۽ تفتيشي آفيسرن عدالت کي شهرين جي واپسيءَ بابت آگاهه ڪيو، جنهن تي عدالت بازياب ٿيندڙ ماڻهن جون 3 درخواستون اڪلائي ڇڏيون. ٻڌڻي دوران سرڪاري وڪيل عدالت کي ٻڌايو ته اڃا به 17 لاپتا ماڻهن جو پتو لڳائڻ لاءِ تحقيقات جاري آهي، جڏهن ته تفتيشي آفيسرن مختلف ڪيسن ۾ اڳڀرائي رپورٽون به عدالت ۾ جمع ڪرائي ڇڏيون. جسٽس سليم جيسر پڇاڻو ڪيو ته جاچ ۾ هيل تائين ڪهڙي اڳڀرائي ٿي آهي ۽ گم ٿيل ماڻهن جو پتو ڪيئن لڳايو ويندو؟ تفتيشي آفيسر عدالت کي ٻڌايو ته هر ڪيس ۾ 3، 3 جي آءِ ٽيز (JITs) جا اجلاس ٿي چڪا آهن ۽ مختلف ادارن کي خط به موڪليا ويا آهن، وفاقي ادارن پاران جواب اچڻ تائين وڌيڪ مهلت ڏني وڃي.عدالت ايندڙ ٻڌڻي تي پوليس، گهرو کاتي ۽ ٻين لاڳاپيل ادارن کان تفصيلي اڳڀرائي رپورٽ طلب ڪندي ٻڌڻي 25 جون تائين ملتوي ڪري ڇڏي.

پهنجو تبصرو موڪليو