ڪراچي (نمائندن وٽان) انڊس هاءِ واي ڪنڌ ڪوٽ لڳ روڊ حادثي ۽ شهداد ڪوٽ ۾ ٽريڪٽر جي ٽڪر جي ڌار ڌار پيش آيل ٻن واقعن ۾ 2 ڄڻا فوت ٿي ويا آهن. سندن لاش گهر پهچڻ تي ڪهرام مچي ويو. ڪنڌڪوٽ مان غالب بلوچ موجب سي سيڪشن ٿاڻي جي حد انڊس ھائيوي تي ٽرڪ ۽ رڪشي وچ ۾ ٽڪر ٿي پيو جنھنجي ۾ رڪشه ڊرائيورنظام الدين باجڪاڻي موقعي تي فوت ٿي ويو جڏھن ته ھڪ زخمي ٿي پيو. اطلاع ملڻ تي پوليس واقع واري ھنڌ پھچي فوتي جولاش ۽ زخمي کي ڪنڌڪوٽ اسپتال پھچايو. فوتي جولاش ضروري ڪاروائي مڪمل ڪرڻ بعد وارثن حوالي ڪيوويو ۽ ٽرڪ ڊرائيور موقعي تان فرار ٿي ويو پوليس سندس ٽرڪ تحويل ۾ وٺي ڇڏي. شهدادڪوٽ مان شاهد اعواڻ موجب ڳوٺ غلام چانڊيو ۾ ٽريڪٽر جي ٽڪر جي نتيجي ۾ 9 سالن جو نينگر شاھ زمان چانڊيو چيڀاٽجي فوت ٿي ويو، جنھن کي کڻائي شھدادڪوٽ جي تعلقه اسپتال آندو ويو، جتي ڊاڪٽرن پاران ضروري ڪاروائي بعد لاش وارثن حوالي ڪيو ويو جڏھن ته ٽريڪٽر ڊرائيور واقعي کانپوءِ واقعي واري ھنڌ تان فرار ٿي ويو، لاش گھر پھچڻ تي ڪھرام مچي ويو.










