سائنسدانن جي آفريڪا ۾ نئين سمنڊ جي وجود ۾ اچڻ جي اڳڪٿي

سائنسدانن جي آفريڪا ۾ نئين سمنڊ جي وجود ۾ اچڻ جي اڳڪٿي

صحارا کان هيٺ واري آفريڪا (Sub-Saharan Africa) ڪجهه ملين سالن اندر ٻن حصن ۾ ورهائجي سگهي ٿو، ۽ سائنسدانن جو خيال آهي ته هو شايد هن زميني عمل جي شروعاتي مرحلن کي ڏسي رهيا آهن۔
هي ورهاست ڪافيو رِفٽ (Kafue Rift) سان ٿيندي، جيڪا تقريباً 1,500 ميل (2,500 ڪلوميٽر) ڊگهي ڏار واري لائين جو حصو آهي، جيڪا تنزانيا کان نميبيا تائين پکڙيل آهي۔ “رفٽ” زمين جي ڪرسٽ ۾ پيدا ٿيندڙ اهڙي ڏار کي چيو ويندو آهي، جيڪا سطح کي متاثر ڪندي زمين ويهڻ ۽ زلزلا اچڻ جو سبب بڻجي سگهي ٿي۔ دنيا ۾ هزارين رفٽ موجود آهن، ۽ جيتوڻيڪ گهڻا غيرفعال يا ختم ٿي چڪا آهن، پر ڪڏهن ڪڏهن اهي ٻيهر سرگرم ٿي سگهن ٿا۔
زميني علمن جي ماهرن جو خيال هو ته ڪافيو رفٽ گهڻو اڳ ئي غيرفعال ٿي چڪي آهي۔ پر هاڻي ڪجهه ماهرن جو چوڻ آهي ته گذريل ڪجهه ڏهاڪن دوران هن علائقي ۾ سرگرمي جا آثار ڏٺا ويا آهن۔ وڌندڙ ثبوتن سبب شڪ پيدا ٿيو آهي ته هي جاگرافيائي ڍانچو شايد هڪ نئين کنڊ جي رفٽ ۾ تبديل ٿي رهيو آهي، ۽ مستقبل ۾ ٽيڪٽانڪ پليٽن جي وچ ۾ نئين حد بڻجي سگهي ٿو، جنهن سان هڪ نئون سمنڊ به وجود ۾ اچي سگهي ٿو۔
گذريل تحقيقن ۾ اهڙا ڪيترائي اشارا مليا آهن۔ اهڙا زلزلا جيڪي انسان محسوس نٿا ڪري سگهن پر اوزارن ذريعي رڪارڊ ٿين ٿا، زمين هيٺ گرمي پد ۾ واڌ، ۽ سيٽلائيٽن ذريعي زمين جي اوچائيءَ ۾ تمام ننڍيون تبديليون، اهي سڀ ٻڌائن ٿا ته علائقو شايد ٽيڪٽانڪ طور سرگرم آهي۔
هاڻي، تازو جرنل “فرنٽيئرز اِن ارٿ سائنس” ۾ شايع ٿيل هڪ نئين تحقيق هن خيال کي وڌيڪ مضبوط بڻائي ٿي۔ “اسان وٽ هن علائقي مان پهريون ڀيرو جيوڪيميڪل ڊيٽا موجود آهي،” تحقيق جي اڳواڻ روٽا ڪاروليٽي چيو، جيڪا انگلينڊ جي آڪسفورڊ يونيورسٽي ۾ پوسٽ ڊاڪٽورل ريسرچ فيلو رهي چڪي آهي۔ “هي بلڪل مختلف قسم جو ثبوت آهي، جيڪو هن علائقي ۾ رفٽ سرگرميءَ جي خيال کي وڌيڪ مضبوط ڪري ٿو۔”
نئين براعظمي رفٽ جو مطالعو ٽيڪٽانڪس جي بنيادي سوالن مان هڪ جو جواب ڏيڻ ۾ مددگار ثابت ٿي سگهي ٿو۔
“نئين پليٽ بائونڊري جي شروعات ڪيئن ٿيندي آهي؟ پختيون پليٽ بائونڊريون سڃاڻڻ آسان هونديون آهن، پر شروعاتي مرحلا گهڻو وڌيڪ نفيس هوندا آهن،” ڪيليفورنيا يونيورسٽي ڊيوس جي ڌرتي ۽ سيارن جي سائنس جي ممتاز پروفيسر ايسٽيلا اٽيڪوانا چيو، جيڪا هن تحقيق ۾ شامل نه هئي۔
هن وڌيڪ چيو، “جيڪڏهن ڪافيو رفٽ هڪ نئين جنم وٺندڙ پليٽ بائونڊري جو حصو آهي، ته پوءِ اهو اسان لاءِ هڪ نادر موقعو آهي ته اسان پليٽ بائونڊري جي پيدائش جو مطالعو ڪريون، ان کان اڳ جو آتش فشاني عمل، وڏا زلزلا ۽ زمين جي سطح ۾ وڏيون تبديليون اصل حالتن کي تبديل ڪري ڇڏين۔”
نئين ٽيڪٽانڪ پليٽ جا اشارا
ثبوت گڏ ڪرڻ لاءِ ڪاروليٽي ۽ سندس ساٿين زامبيا ۾ گرم چشمن ۽ جيوٿرمل کوهن مان نمونا گڏ ڪيا، جيڪي شڪيل رفٽ جي مٿان قدرتي طور ظاهر ٿيا آهن۔ “اتي گرم پاڻي زمين جي سطح تي اڀري رهيو آهي، ۽ اسان ان مان نڪرندڙ گئس جا نمونا ورتا،” ڪاروليٽي چيو، جيڪا هاڻي برطانيا جي قدرتي هائيڊروجن ڳولڻ واري ڪمپني Snowfox Discovery ۾ پرنسپل پراڊڪٽ سائنسدان آهي۔
محقق خاص طور ٻن قسمن جي هيليم، هيليم-3 ۽ هيليم-4 جي تناسب تي ڌيان ڏئي رهيا هئا۔ ٽيم اهڙو ثبوت ڳولي رهي هئي جيڪو ظاهر ڪري ته انهن چشمن ۽ کوهن جو تعلق زمين جي مينٽل سان آهي، جيڪا زمين جي ڪرسٽ ۽ ڪور جي وچ وارو سوين ميل ٿلهو پرت آهي۔ “اسان کي ڪرسٽ ۾ عام طور ملندڙ مقدار کان وڌيڪ هيليم-3 مليو، جيڪو اڪثر مينٽل مان نڪرندڙ مواد جي نشاني هوندو آهي،” ڪاروليٽي وڌيڪ چيو ۽ ٻڌايو ته مطالعي لاءِ گئس جا نمونا زامبيا جي گويشو علائقي جي هڪ گرم چشمي مان ورتا ويا۔
هي نتيجا اڃا شروعاتي نوعيت جا آهن، ڇاڪاڻ ته نمونا رڳو ڇهن هنڌن تان ورتا ويا هئا، جيڪي هڪ محدود علائقي ۾ واقع هئا۔ پر محققن شڪيل رفٽ کان تقريباً 60 ميل (95 ڪلوميٽر) پري ٻن ٻين گرم چشمن مان به نمونا ورتا، جتي هيليم-3 جي تناسب ۾ اهڙي واڌ نظر نه آئي۔
ڇاڪاڻ ته جڏهن ٽيڪٽانڪ پليٽون ڇڪجڻ ۽ جدا ٿيڻ شروع ٿين ٿيون ته مينٽل مان مواد سطح تائين پهچي سگهي ٿو، تنهن ڪري تحقيق ڪندڙن جو خيال آهي ته هي نئون جيوڪيميڪل ڊيٽا شايد نئين پليٽ بائونڊري جي ٺهڻ جو ابتدائي اشارو هجي۔
اقتصادي فائدو
ٽيڪٽانڪ پليٽون مضبوط پٿر جا تمام وڏا ٽڪرا هوندا آهن، جن جي ڊيگهه سوين کان هزارين ميلن تائين ۽ ٿولهه تقريباً 120 ميل (190 ڪلوميٽر) تائين ٿي سگهي ٿي۔ جڏهن کان اهي پليٽون زمين جي شروعاتي تاريخ ۾ ٺهيون آهن، تڏهن کان اهي مينٽل جي مٿان آهستي آهستي سرڪنديون رهيون آهن، تقريباً انساني نهن جي وڌڻ جي رفتار سان۔ لڳ ڀڳ 200 ملين سال اڳ انهن جي حرڪت هڪ وڏي زميني خطي “پينجيا” کي ٽوڙي اڄ جي براعظمن ۾ تبديل ڪيو۔ اهي پليٽون اڃا تائين حرڪت ۾ آهن، ۽ انهن جي حرڪت سبب زلزلا ۽ آتش فشان جهڙا زميني عمل ٿين ٿا۔
پليٽن جون حدون گهڻو ڪري سمنڊن هيٺ هونديون آهن، جتي اهي هڪ ٻئي جي ڀرسان سرڪن ٿيون، ٽڪرائن ٿيون يا هڪ ٻئي کان پري ٿين ٿيون۔ اهي ئي علائقا آهن جتي اڪثر زلزلا ۽ آتش فشاني سرگرميون ٿين ٿيون۔
ڪاروليٽي چيو ته هڪ سرگرم ۽ ترقي ڪندڙ رفٽ آخرڪار ٽيڪٽانڪ پليٽ بائونڊري بڻجي سگهي ٿو، پر اهو لازمي ناهي۔ “اهي رفٽ اڪثر شروع ٿين ٿا ۽ وري بند ٿي وڃن ٿا، يا ٿورو وڌي ٻيهر خاموش ٿي وڃن ٿا۔ اهو اڳڪٿي ڪرڻ ڏکيو آهي ته آخر ڇا ٿيندو.”
آفريڪا ۾ اڳ ئي هڪ چڱي طرح ترقي يافته رفٽ موجود آهي، جيڪا لکين سالن کان سرگرم آهي۔ اوڀر آفريڪي رفٽ ۾ ڪيترائي آتش فشان موجود آهن ۽ اهو زلزلي جي لحاظ کان به سرگرم آهي۔ بهرحال، نئين رفٽ کي اهڙي سطح تائين پهچڻ ۽ پوءِ پليٽ بائونڊري ۾ تبديل ٿيڻ لاءِ تمام گهڻو وقت لڳندو۔ مطالعي جي شريڪ ليکڪ ۽ آڪسفورڊ يونيورسٽي جي ڌرتي سائنس جي وزٽنگ پروفيسر مائيڪ ڊيلي چيو ته “تيز ترين اندازي مطابق اهو ڪجهه ملين سالن ۾ ٿي سگهي ٿو، جڏهن ته سست رفتار سان ان ۾ 10 يا 20 ملين سال به لڳي سگهن ٿا.” (هي مضمون سي اين اين سائنس جي ٿورن سان پنهنجي پڙهندڙن لاءِ پيش ڪريون ٿا. ادارو)

پهنجو تبصرو موڪليو