لنڊن: (ويب ڊيسڪ) انگلش فاسٽ بالر بين اسٽوڪس کي ڪرڪيٽ ۾ واپسي جي اجازت ملي وئي آهي ۽ هو ڪائونٽي چيمپيئن شپ ميچ ۾ ڊرهم ڪائونٽي ڪرڪيٽ ڪلب جي نمائندگي ڪندو.ياد رکڻ گهرجي ته بين اسٽوڪس هن سال آسٽريليا ۾ ايشز سيريز کان پوءِ ڪنهن به سطح تي ڪرڪيٽ نه کيڏي سگهيو آهي، جڏهن ته فيبروري ۾ ٽريننگ سيشن دوران چهري جي فريڪچر سبب کيس وڌيڪ مشڪلاتن جو سامنا ڪرڻو پيو.بهرحال، 34 سالن جي آل رائونڊر مڪمل تربيت ٻيهر شروع ڪئي آهي ۽ ووسٽر شائر ڪائونٽي ڪرڪيٽ ڪلب خلاف ميچ ۾ بيٽنگ ۽ بالنگ ڪرڻ جو امڪان آهي.ڊرهم ڪلب جي ڪوچ ۽ اڳوڻي آسٽريلوي ڪرڪيٽر ريان ڪيمپبل چيو ته بين اسٽوڪس ضرور بالنگ ڪندو ۽ هڪ اننگز ۾ نئين بال سان به شروعات ڪري سگهي ٿو.هن چيو ته اسٽوڪس هن وقت صرف ڊرهم ڪلب جي ڪاميابي تي ڌيان ڏئي رهيو آهي، جڏهن ته انگلينڊ ۾ سندس واپسي بعد ۾ ٿيندي.اهو ياد رکڻ گهرجي ته انگلش ٽيم ايندڙ مهيني نيوزيلينڊ ۽ پوءِ پاڪستان خلاف ٽيسٽ سيريز کيڏڻ واري آهي، جتي ٽيم آءِ سي سي ورلڊ ٽيسٽ چيمپيئن شپ ۾ پنهنجي پوزيشن کي بهتر بڻائڻ جي ڪوشش ڪندي.










