ممبئي (ويب ڊيسڪ) بالي ووڊ سپر اسٽار اڪشي ڪمار پنهنجي اکين جي روشني بهتر ڪرڻ لاءِ اکين جي سرجري ڪرائي، جنهن کان پوءِ هاڻي هو ڪم کان هڪ مختصر وقفو وٺندو.هندستاني ميڊيا موجب، هدايتڪار پريا درشن جي فلم ڀوت بنگلا جي ڪاميابي کان پوءِ، اڪشي ڪمار انهن ڏينهن ۾ هدايتڪار انيس بزمي جي نئين منصوبي جي شوٽنگ ۾ مصروف هو.بهرحال، رپورٽن موجب، اڪشي ڪمار اربع تي ممبئي ۾ هڪ معمولي اکين جي سرجري ڪرائي.هندستان ٽائمز جي هڪ رپورٽ موجب، اها هڪ معمولي سرجري هئي جيڪا 6 مئي جي صبح ڪئي وئي هئي. جيڪا سندس اکين جي روشني بهتر ڪرڻ لاءِ هئي.رپورٽ ۾ چيو ويو آهي ته اڪشي ڪمار هاڻي ڪجهه ڏينهن لاءِ ڪم کان وقفو وٺندو ۽ صحتياب ٿيڻ کان پوءِ ٻيهر ڪم شروع ڪندو.










