لاهور(ويب ڊيسڪ)حيدرآباد ڪنگز مين اسلام آباد يونائيٽيڊ کي 2 رنز تان هارائي فائينل ۾ پهچي وئي. آخري اوور ۾ 6 رنز نه ٺهي سگهيا. پهريون ڀيرو پي ايس ايل کيڏندڙ حيدرآباد سڀني کي حيران ڪري ڇڏيو. اسلام آباد جي بيٽنگ شروع کان مشڪل جو شڪار نظر آئي، اوپنر سمير منهاس هڪ چوڪو هڻي 6 رنز ٺاهي عاڪف جاويد جي بال تي مارنس لبوشين هٿان ڪيچ ٿيو، جنهن بعد ون ڊائون محسن رياض 5 رنز ٺاهي محمد علي جي بال تي عرفان نيازي هٿان ڪيچ ٿيو، هڪ ڇڪي ۽ 3 چوڪن جي مدد سان 25 بالن تي 30 رنز ٺاهيندڙ ڊيون ڪانوي کي صائم ايوب ايل بي ڊبليو ڪيو. ڪپتان شاداب به وڏي اننگ نه کيڏي سگهيو ۽ هڪ چوڪو هڻي 24 بالن تي 22 رنز ٺاهي حسان خان جي بال تي عرفان نيازي هٿان ڪيچ ٿيو. 11 اوورن جي خاتمي تي 75 تي 4 آئوٽ ٿي چڪا هئا. حيدر علي ۽ مارڪ چيپمين اسڪور اڳتي وڌايو ۽ اسلام آباد لاءِ فتح جي اميد پيدا ڪئي، ان دوران حيدر علي 16 بالن تي 31 رنز ٺاهي محمد علي جي بال تي ميڪسويل هٿان ڪيچ ٿيو. 16 اوورن ۾ 133 تي 5 آئوٽ هئا. جنهن بعد ٻن ڇڪن ۽ 5 چوڪن جي مدد سان26 بالن تي 43 رنز ٺاهي حنين شاهه جي بال تي پريرا هٿان ڪيچ ٿيو. 12 بالن تي 28 رنز گهربل هيون. 19هون اوور محمد علي ڪرايو 22 رنس ڏنيون ۽ اسلام آباد فته جي ويجهو اچي وئي، آخري اوور ۾ 6 رنز کپن پيون. حنين شاهه ٻه بال مس ڪرايا سنگل ٺهي ۽ فهيم اشرف جي وڪيٽ ورتي، فهيم 10 بالن تي 19 رنز ٺاهي حسان خان هٿان ڪيچ ٿيو. آخري بال تي 4 رنز کپن پيون، جيڪي نه ٺهي سگهيون ان کان اڳ حيدرآباد جي ٽيم 20 اوورن ۾ 5 وڪيٽن جي نقصان تي 186 رنز ٺاهي سگهي. عثمان خان ۽ ڪسال پريرا ۾ پنجين وڪيٽ جي 101 رنز جي پارٽنر شپ لڳي 53 بالن تي. عثمان خان 10 چوڪن جي مدد سان 30 بالن تي 61 تي ناٽ آئوٽ رهيو، ڪسال پريرا فهيم اشرف کي ڇڪو هڻي آخري اوور جي آخري بال تي 37 رنز ٺاهي محسن رياض هٿان ڪيچ ٿيو، هن 21 بال کيڏيا، 2 ڇڪا 4 چوڪا هنيا. ان کان اڳ لبوشين ۽ صائم ايوب جي پارٽنرشپ ۾ 70 رنز ڍهيا هئا. ان کان اڳ پاڪستان سپر ليگ (پي ايس ايل) سيزن 11 جي ٻئي ايليمينيٽر ۾ اسلام آباد يونائيٽيڊ ٽاس کٽي حيدرآباد ڪنگزمين خلاف فيلڊنگ جو فيصلو ڪيو.قذافي اسٽيڊيم ۾ کيڏيل ميچ ۾، اسلام آباد يونائيٽيڊ ٽاس کٽي حيدرآباد ڪنگزمين کي پهرين بيٽنگ جي دعوت ڏني.ياد رهي ته اڄ جي فاتح ٽيم آچر تي فائنل ۾ پشاور زلمي سان مقابلو ڪندي. معاذ صداقت بنا رن ٺاهڻ جي پهرين اوور ۾ ئي آئوٽ ٿي ويو. رچرڊ گليسن جي بال تي سلمان مرزا ڪيچ ڪيو. جنهن بعد صائم ايوب ۽ ڪپتان مارنس لبوشين اسڪور اڳتي وڌايو. صائم ايوب 7 چوڪا هڻي 27 بالن تي 38 رنز ٺاهي ڪرس گرين جي بال تي سلمان مرزا هٿان ڪيچ ٿيو. 12 هين اوور ۾ مارنس لبوشين 32 بالن تي 40 رنز ٺاهي عماد وسيم جي بال تي ڪرس گرين هٿان ڪيچ ٿي ويو، هن هڪ ڇڪو ۽ 4 چوڪا هنيا. جنهن بعد گلين ميڪسويل جو ساٿ ڏيڻ لاءِ عثمان خان آيو. پي عماد ساڳئي اوور ۾ ميڪسويل کي سلمان مرزا هٿان ڪيچ ڪرايو، هن صرف 3 رنز ٺاهيون. عثمان خان ۽ ڪسال پريرا جي سٺي پارٽنرشپ لڳي، عثمان ففٽي مڪمل ڪئي ۽ 19 هين اوور ختم ٿيڻ تي اسڪور 172 تي پهچايو.
مشهور خبرون










