ڪراچي(ويب ڊيسڪ)اسلام آباد 4 وڪيٽن تان ملتان کي شڪست ڏئي ڇڏي ۽ ٽيبل پوائنٽ تي ٻئي نمبر تي اچي وئي آهي. 18.4 اوورن ۾ 193 رنز ٺاهي ورتيون. مارڪ چيپمين 33 بالن تي 69 رنز ۽ ڪرس گرين 5 رنز ٺاهي ناٽ آئوٽ رهيا. ان کان اڳ ڊيون ڪانوي ۽ سمير منهاس اننگ شروع ڪئي ته سمير هڪ رن ٺاهي محمد اسماعيل جي بال تي پنهنجي وڏي ڀاءُ عرفات منهاس هٿان ڪيچ ٿيو ۽ ڪانوي 19 رنز ٺاهي عمران رنڌاوا جي بال تي اسٽيو سمٿ هٿان ڪيچ ٿيو. محسن رياض 25، شاداب 36 ۽ حيدر علي 13 رنز ٺاهي آئوٽ ٿيا. مارڪ چيپمين ففٽي مڪمل ڪئي ۽ فهيم اشرف سان گڏجي اسڪور اڳتي وڌايو. 17فهيم اشرف 11 رنز ٺاهي پيٽر سڊل جي بال تي رنڌاوا هٿان ڪيچ ٿيو. ٽاپ فور ۾ نمبر 2 پوزيشن لاءِ ملتان ۽ اسلام آباد ۾ مقابلو آهي. نمبر ٽو واري ٽيم کي فائنل ۾ پهچڻ لاءِ هڪ وڌيڪ ميچ ملندي ۽ سندس مقابلو پشاور زلمي سان ٿيندو. شاداب ٽاس کٽي ملتان کي بيٽنگ جي دعوت ڏني. اسٽيو سمٿ ۽ صاحبزاده فرحان اننگ شروع ڪئي. سمٿ 19 بالن تي 30 رنز ٺاهي سلمان ارشاد جي بال تي ڪيپر ڊيون ڪانوي هٿان ڪيچ ٿيو. 60 جي ئي اسڪور تي صاحبزاده فرحان به 30 رنز ٺاهي شاداب جي بال تي سمير منهاس هٿان ڪيچ ٿيو. شان مسعود آيو ته سندس ڪيچ گرين جي بال تي شاداب ڊراپ ڪيو. جوش فلپي 11 رنز ٺاهي عماد وسيم جي بال تي ڪرس گرين هٿان ڪيچ ٿيو. ايشٽن ٽرنر ڪرس گرين کي ڇڪو هڻي ٻئي بال تي 9 رنز ٺاهي بالر هٿان ڪيچ ٿي ويو. 15 اوور مڪمل ٿيڻ تي 4 وڪيٽن جي نقصان تي ملتان جو اسڪور 125 هو. شان مسعود 33 بالن تي 44 رنز ٺاهي سلمان ارشاد جي بال تي بولڊ ٿي ويو. عمران رنڌاوا 5 رنز ٺاهي فهيم اشرف جي بال تي سلمان مرزا هٿان ڪيچ ٿيو. عرفات 19 بالن تي 31 رنز تي رن آئوٽ ٿيو، وسيم جونيئر 8 بالن تي 25 رنز ٺاهيون. سلمان مرزا جي آخري اوور م 25 رنز ٺهيون. ملتان جي ٽيم جنهن لاءِ چيو پئي ويو ته 160 رنز مشڪل سان ٺاهيندي تنهن جي آخري وڪيٽ جي پارٽنرشپ ۾ 56 رنز ٺهيون 26 بالن تي. ملتان 7 وڪيٽن جي نقصان تي 192 رنز ٺاهيون.
مشهور خبرون










