غوثپور (عبدالنبي ملڪ) انڌي ٻلهڻ جي مئل حالت ۾ ملڻ بابت سنڌيار ۾ شايع ٿيل خبر بعد فيلڊ آفيسر بقا محمد مقامي ملاحن ۽ صحافين کان معلومات وٺڻ پهچي ويو. هن چيو ته کيس رپورٽ ملي آهي ته ڪجهه ماڻهن مڇي مارڻ لاءِ درياءَ ۾ زهر وڌي هئي جنهن سبب ٻلهڻ مري وئي آهي. اسين جانچ ڪريون پيا ۽ جيڪڏهن اها ڳالهه ثابت ٿي ته ملاحن خلاف ڪيس داخل ڪنداسيم. ياد رهي ته ڪالهه ڪچي جي علائقي ۾ سنڌو درياءَ مان ناياب نسل جي انڌي ڊولفن مئل حالت ۾ ڳوٺاڻن کي ھٿ آئي جنھن بعد ميڊيا پاران ڳوٺاڻن سان رابطو ڪرڻ تي ڳوٺاڻن ٻڌايو ته سنڌو درياءَ وٽ ڪاٺيون ڪپڻ وياسون ته سنڌودرياءَ جي پاڻي مان مئل حالت ۾ ڊولفن لڙھندي نظر آئي جنھن کي ڪڍي سنڌو درياءَ جي ڪناري آندوسين جيڪا انڌي ڊولفن ھئي. ذريعن مان معلوم ٿيو آھي ته ملاحن پاران مڇي مارڻ لاءِ سنڌودرياءَ ۾ زھر اڇلائڻ سبب ڊولفن جو موت ٿيو آھي ڊولفن جي مرڻ تي ساڃاھ وندن پاران ڳڻتي جو اظھار ڪندي چيو ته وائيلڊ لائيف کاتي کي اطلاع ڏيڻ باوجود انتظاميا پاران ڪي به جوڳا قدم نه کنيا ويا.










