ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) ناريءَ کي جنسي زيادتي جو نشانو بڻائيندڙ جوڊيشل مئجسٽريٽ خلاف ڪيس داخل ڪيو ويو. جوڊيشل مئجسٽريٽ امتياز ڀٽو خلاف ڪيس ۾ جنسي زيادتي، ڌمڪين ۽ هراسان ڪرڻ جا قلم داخل ڪيا ويا آهن. ياد رهي ته شهدادڪوٽ ۾ سلميٰ بروهي ۽ نثار بروهي پسند جي شادي ڪرڻ لاءِ گهران فرار ٿي سيوهڻ جي هڪ گيسٽ هائوس ۾ رهيا جتان 13 جنوري تي ڇوڪري جا گهرڀاتي سيوهڻ پهچي ٻنهي کي قابو ڪري ورتو. ايتري قدر اهو معاملو پوليس تئين پهتو پولري ڇوڪري جي بيان لاءِ سينئر جوڊيشنل مئجسٽريٽ امتياز ڀٽو جي چيمبر ۾ وٺي وئي. ذريعن مطابق ليڊي پوليس ۽ عملي کي اهو چئي عدالت مان ٻاهر ڪڍيو ويو ته ڇوڪري جو بيان وٺڻو آهي. جج ناري کي پڇيو ته هو والدين سان وڃڻ چاهي ٿي يا مڙس سان؟ جنهن تي ناري مڙس سان وڃڻ جي حامي ڀري. رپورٽ مطابق جج خوف ۾ مبتلا ڇوڪري جي مجبوري جو فائدو وٺندي پنهنجي چيمبر ۾ ان سان زيادتي ڪئي. متاثر ناري جي شڪايت تي سيوهڻ پوليس عبدالله شاهه انسٽيٽيوٽ مان ميڊيڪل ڪرايو جتي ناري سان زيادتي جي تصديق ٿي وئي. جنهن کانپوءِ چيف جسٽس سنڌ هاءِ ڪورٽ احمد علي شيخ جوڊيشل مئجسٽريٽ امتياز حسين ڀٽو کي معطل ڪري ۽ ان کي سنڌ هاءِ ڪورٽ ۾ رپورٽ پيش ڪرڻ جي هدايت ڪئي.










