ٿرپارڪر (ن س ) ٿرپارڪر ۾ نئين ڄاول ٻار کي پاڻي جي ٽانڪي ۾ اڇلائيندڙ پيءُ خلاف پوليس ڪيس داخل ڪيو آهي.ٻار جي ڏاڏي جي شڪايت تي پيءُ خلاف ڪيس داخل ڪيو ويو آهي.مدعي موجب، پٽ ۽ ڌيءَ ۾ پئسن تي جهڳڙو ٿيو. جڏهن ڌيءَ پئسا ڏيڻ کان انڪار ڪيو ته پٽ پوٽي کي ٽانڪي ۾ اڇلائي ڇڏيو.مدعي موجب، جڏهن پوٽي کي ٽانڪي مان ڪڍيو ويو ته پوٽي فوت ٿي چڪي هئي.پوليس موجب، جوابدار کي عدالتي رمانڊ تي جيل موڪليو ويو آهي.










