ڪينبرا(ويب ڊيسڪ)آسٽريليا سومر تي اعلان ڪيو آهي ته تاريخ ۾ پهريون ڀيرو هڪ عورت ملڪ جي فوج جي سربراهه بڻجندي، جيڪو دفاعي قيادت ۾ تبديلي جو حصو آهي۔
ليفٽيننٽ جنرل سوسن ڪوئل، جيڪا هن وقت گڏيل صلاحيتن جي سربراهه آهي، جولاءِ ۾ فوج جي سربراهه بڻجندي، حڪومت هڪ بيان ۾ چيو۔ هوءَ ليفتيننٽ جنرل سائمن اسٽوارٽ جي جاءِ وٺندي۔
ڪوئل جي مقرري ان وقت ٿي رهي آهي جڏهن آسٽريليا جي فوج پنهنجي صفن ۾ عورت آفيسرن جو تعداد وڌائڻ جي ڪوشش ڪري رهي آهي، جڏهن ته اداري کي جنسي هراسان ڪرڻ ۽ امتيازي سلوڪ بابت ڪيترن ئي الزامَن کي منهن ڏيڻو پيو آهي۔
وزيراعظم اينٿوني البانيز چيو ته: “جولاءِ کان، آسٽريليا جي 125 سالن جي تاريخ ۾ پهريون ڀيرو هڪ عورت فوج جي سربراهه هوندي.”
دفاع واري وزير رچرڊ مارلز هن مقرري کي “تمام تاريخي لمحو” قرار ڏنو ۽ چيو: “جيئن سوسن مون کي چيو، توهان اهو نٿا بڻجي سگهو جيڪو توهان ڏسي نٿا سگهو.”
هن وڌيڪ چيو ته سوسن جي ڪاميابي موجوده ۽ مستقبل ۾ آسٽريليا جي دفاعي فوج (ADF) ۾ شامل ٿيندڙ عورتن لاءِ تمام اهم هوندي۔
ڪوئل، جيڪا 55 ورهين جي آهي، 1987ع ۾ فوج ۾ شامل ٿي ۽ ڪيترن ئي اهم قيادتي عهدن تي ڪم ڪري چڪي آهي۔ هوءَ فوج جي ڪنهن به شعبي جي پهرين عورت سربراهه هوندي۔
هاڻي عورتون ADF جو لڳ ڀڳ 21 سيڪڙو حصو آهن، جڏهن ته سينيئر قيادت ۾ انهن جو حصو 18.5 سيڪڙو آهي۔ فوج 2030ع تائين عورتن جي شموليت کي 25 سيڪڙو تائين وڌائڻ جو هدف رکيو آهي۔
گذريل آڪٽوبر ۾ ADF خلاف هڪ گڏيل ڪيس داخل ڪيو ويو، جنهن ۾ الزام لڳايو ويو ته اداري هزارين عورت آفيسرن کي جنسي زيادتي، هراسان ڪرڻ ۽ امتيازي سلوڪ کان بچائڻ ۾ ناڪام رهيو۔
حڪومت سومر تي مارڪ هيمونڊ کي ADF جو سربراهه مقرر ڪيو، جيڪو ايڊمرل ڊيوڊ جانسن جي جاءِ وٺندو۔
ساڳئي وقت، نيوي جي موجوده ڊپٽي سربراهه ميٿيو بڪلي کي نيوي جو نئون سربراهه مقرر ڪيو ويو آهي۔
ياد رهي ته ان کان اڳ ڪئناڊا، ڪينيا ۽ جميڪا ۾ عورتون آرمي چيف طور مقرر ٿي چڪيون آهن.










