اسلام آباد(بيورو رپورٽ) سپريم ڪورٽ آف پاڪستان پيءُ جي قتل جي ڏوهاري غلام مصطفىٰ جي موت جي سزا خلاف داخل ڪيل اپيل رد ڪري ڇڏي۔
جسٽس هاشم ڪاڪڙ جائيداد جي تڪرار تي پنهنجي والد کي قتل ڪندڙ ڏوهاري جي موت جي سزا خلاف داخل اپيل تي ٻڌڻي ڪئي۔
ڌرين جا دليل ٻڌڻ کان پوءِ جسٽس هاشم ڪاڪڙ ڪيس جو لکت ۾ فيصلو جاري ڪندي جائيداد جي تڪرار تي والد کي قتل ڪندڙ ڏوهاري جي موت جي سزا برقرار رکي۔
سپريم ڪورٽ پنهنجي فيصلي ۾ چيو ته جائيداد لاءِ پنهنجن جو رت وهائيندڙ ڪنهن به رعايت جو حقدار ناهي۔










