مني لانڊرنگ ڪيس ۾ شهباز شريف جي بريت خلاف درخواست رد

مني لانڊرنگ ڪيس ۾ شهباز شريف جي بريت خلاف درخواست رد

لاهور (ويب ڊيسڪ) لاهور هاءِ ڪورٽ ايف آءِ اي مني لانڊرنگ ڪيس ۾ وزيراعظم شهباز شريف جي بريت خلاف درخواست رد ڪندي تحريري فيصلو جاري ڪري ڇڏيو.
عدالت شهري وشال شاڪر جي درخواست رد ڪندي آفيس جي اعتراض کي برقرار رکيو.
تحريري فيصلي ۾ چيو ويو آهي ته مني لانڊرنگ ڪيس ۾ ٽرائل ڪورٽ جو شهباز شريف کي بري ڪرڻ قانون جي مطابق آهي. سرڪاري وڪيل کي اختيار آهي ته هو اسپيشل سينٽرل ڪورٽ ۾ ڪيسن ۾ بريت خلاف اپيل داخل ڪري سگهي ٿو، هاءِ ڪورٽ چيو ته درخواستگذار ايف آءِ اي مني لانڊرنگ ڪيس ۾ شهباز شريف جي بريت کي چئلينج ڪيو هو، درخواستگذار هڪ خانگي شخص آهي ۽ ڪيس ۾ ڌر به ناهي.
فيصلي ۾ چيو ويو آهي ته اسپيشل سينٽرل ڪورٽ جي فيصلي کي پبلڪ پراسيڪيوٽر يا وفاقي حڪومت هاءِ ڪورٽ ۾ چئلينج ڪري سگهي ٿي. درخواستگذار 3 سال 4 مهينن کانپوءِ بريت جي فيصلي کي چئلينج ڪيو. درخواستگذار جو وڪيل بريت ۾ ڪنهن به غير قانوني پهلوءَ جي نشاندهي نه ڪري سگهيو.

پهنجو تبصرو موڪليو