خيرپور (محمد علي جانوري) ٺري ميرواھ جي ڳوٺ مروڙو واسڻ 18 ورهين جي نوجوان ناري عشرت حسين ڌيءُ غلام قادر نول ٺري شھر واسي معذور نوجوان غلام مصطفي شر سان خيرپور جي عدالت ۾ پرڻي بعد ٺري ميرواھ پريس ڪلب ۾ تحفظ فراهم ڪرڻ لاءِ احتجاجي مظاهرو ڪيو. ان موقعي تي نوجوان ناري عشرت حسين ٻڌايو ته منهنجو پيءُ غلام قادر نئول منهنجي شادي زبردستي هڪ پوڙھي شخص سان ڪرائڻ چاهي پيو جيڪو مون کي منظور نه هيو جنهن بعد ٺري ميرواھ واسي غلام مصطفيٰ شر سان شادي ڪري ڇڏي آهي. هن ٻڌايو ته غلام مصطفيٰ شر ۽ آئون ٺري ميرواھ ڪاليج ۾ گڏ پڙھي چڪا آھيون جتي مون کي سندس سان محبت ٿي وئي ڪافي عرصي کان هڪ ٻئي سان رابطي ۾ پڻ هئاسين. هن چيو ته پسند جي پرڻي بعد منهنجا مائٽ منهنجي يا منهنجي مڙس غلام مصطفيٰ شر مٿان ڪوڙا ڪيس داخل ڪرائي سگهن ٿا. هن ڊي آءِ جي سکر، ايس ايس پي خيرپور سميت وس وارن کان مطالبو ڪيو ته کيس تحفظ فراهم ڪري ڌمڪيون ڏيندڙ مائٽن خلاف قانوني ڪارروائي ڪئي وڃي. جڏھن پيار جو ڪندڙ نوجوان غلام مصطفيٰ شر ٻڌايو ته پرائيويٽ ڪمپيوٽر سينٽر ۾ ڪمپيوٽر جي سکيا ڏيندو آھيان عشرت سان محبت بعد هن سان شادي ڪئي آھي اسان کي تحفظ فراهم ڪيو وڃي.










