ڪوهيڙي سبب انڊس هاءِ وي تي حادثي ۾ پيءَ فوت، پٽ زخمي

ڪوهيڙي سبب انڊس هاءِ وي تي حادثي ۾ پيءَ فوت، پٽ زخمي

خانپور (زبيرگل) انڊس هاءِ وي پٺاڻ واھ ڀرسان ڪوهيڙي سبب تيز رفتار ٽرڪ جو ڪار سان ٽڪر ٿي پيو جنهن جي نتيجي ۾ ڪار ۾ سوار ڪنڌڪوٽ واسي ايس ايس پي جيڪب آباد جو آفيس سپرينٽينڊنٽ عبدالجليل سهرياڻي فوت ٿي ويو ۽ سندس پٽ فلڪ شير سهرياڻي معمولي زخمي ٿي پيو فوتي ۽ زخمي کي خانپور اسپتال آندو ويو. جڏھن ته لاش پوسٽ مارٽم بعد وارثن حوالي ڪيو ويو خانپور پوليس ٽرڪ ڊائيور رحيم بخش  کي گرفتار ڪري ٽرڪ تحويل ۾ وٺي ڇڏيو. واقعي جوڪيس داخل نه ٿيو سگهيو آهي. واضح رهي ته فوتي ڪنڌڪوٽ کان لاڙڪاڻي هاءِ ڪورٽ حاضري تي وڃي رهيو ته واقعو پيش آيو.

پهنجو تبصرو موڪليو