ڪهڙن عرب ملڪن ۾ ڪٿي آمريڪي فوجي اڏا آهن؟

ڪهڙن عرب ملڪن ۾ ڪٿي آمريڪي فوجي اڏا آهن؟

ڪراچي(ويب ڊيسڪ)وچ اوڀر جي 6 عرب ملڪن ۾ آمريڪي اڏا آهن. انهن آمريڪي فوجي سهولتن جو تفصيل هن طرح آهي.
بحرين:
بحرين ۾ آمريڪي سامونڊي فوج جي پنجين ٻيڙي جو هيڊڪوارٽر قائم آهي، جنهن جي ذميواري واري علائقي ۾ نار، ڳاڙهو سمنڊ، عربي سمنڊ ۽ هندي سمنڊ جا ڪجهه حصا شامل آهن.
قطر:
قطر جي گادي واري شهردوحا کان ٻاهر ريگستان ۾ واقع 24 هيڪٽرن تي پکڙيل العديد ايئر بيس آمريڪي مرڪزي ڪمان جو اڳيون هيڊڪوارٽر آهي، جيڪو اولهه ۾ مصر کان وٺي اوڀر ۾ قازقستان تائين پکڙيل علائقي ۾ آمريڪي فوجي ڪاررواين جي هدايت ڪري ٿو. وچ اوڀر ۾ آمريڪا جو سڀ کان وڏو اڏو هتي آهي، جتي لڳ ڀڳ ڏهه هزار فوجي موجود آهن.
ڪويت:
ڪويت ۾ ڪيترائي فوجي اڏا موجود آهن، جن ۾ڪيمپ عارفان شامل آهي، جيڪا آمريڪي بري فوج جي مرڪزي ڪمان جو اڳيون هيڊڪوارٽر آهي. ان کان علاوه علي السالم ايئر بيس عراق جي سرحد کان لڳ ڀڳ 40 ڪلوميٽر پري واقع آهي ۽ پنهنجي الڳ ٿلڳ ۽ سخت ماحول سبب “دي راڪ” جي نالي سان سڃاتي وڃي ٿي. Camp Buehring سنه 2003ع ۾ عراق واري جنگ دوران قائم ڪئي وئي هئي ۽ آمريڪي بري فوج جي دستن لاءِ عراق ۽ شام ڏانهن وڃڻ کان اڳ عارضي مرڪز طور استعمال ٿيندي رهي آهي.
متحده عرب امارات:
گڏيل عرب امارات جي گادي واري شهر Abu Dhabi ابو ظهبي کان ڏکڻ طرف واقع Al Dhafra Air Base، جيڪو اماراتي هوائي فوج سان گڏيل طور استعمال ٿئي ٿو، آمريڪي هوائي فوج لاءِ هڪ اهم مرڪز آهي. هتان اسلامي رياست خلاف مشنن ۽ علائقي ۾ نگرانيءَ واري ڪاررواين جي مدد ڪئي وڃي ٿي.
دبئي جوجبل علي پورٽ جيتوڻيڪ باقاعده فوجي اڏو ناهي، پر وچ اوڀر ۾ آمريڪي نيوي لاءِ سڀ کان وڏو بندرگاهه آهي، جتي آمريڪي هوائي جهاز کڻندڙ ٻيڙيون ۽ ٻيا جهاز باقاعدي اچ وڃ ڪندا آهن.
سعودي عرب:
سعودي عرب ۾ موجود آمريڪي فوجي، جن جو انگ 2024ع ۾ وائيٽ هائوس جي خط موجب 2,321 هو، سعودي حڪومت سان هم آهنگيءَ ۾ ڪم ڪن ٿا. اهي هوائي ۽ ميزائل بچاءُ جون صلاحيتون مهيا ڪن ٿا ۽ آمريڪي فوجي جهازن جي آپريشن ۾ مددگار ٿين ٿا.
انهن مان ڪجهه فوجي رياض کان لڳ ڀڳ 60 ڪلوميٽر ڏکڻ طرف واقع پرنس سلطان ايئر بيس تي مقرر آهن، جتي آمريڪي بري فوج جا اثاثا، جن ۾ پيٽرياٽ ميزائل بيٽريون ۽ ٽرمينل هاءِ آلٽيٽيُوڊ ايريا ڊفينس نظام شامل آهن، تعينات ٿيل آهن.
اردن:
اردن جي شهر Azraq ۾، جيڪو گادي واري شهر عمان کان 100 ڪلوميٽر اتر اوڀر طرف آهي، موافق السلطي ايئر بيس Muwaffaq al Salti Air Base تي آمريڪي مرڪزي هوائي فوج جو 332هون هوائي مهمي ونگ ميزبان طور موجود آهي، جيڪو ليونٽ علائقي ۾ مختلف مشنن ۾ حصو وٺي ٿو.

پهنجو تبصرو موڪليو