ڪراچي: (اسٽاف رپورٽر) شهر قائد ۾ پوليس هڪ ڪروڙ پتي فقير کي گرفتار ڪيو آهي جنهن جي ٿيلهي ۾ هڪ لک کان وڌيڪ رپيا هئا.فقيرن خلاف ڪارروائي دوران، پوليس گلشن اقبال بلاڪ 3 مان ڪروڙ پتي فقير کي گرفتار ڪيو. گرفتار ٿيل فقير گلشن معمار، گلشن اقبال، گلستان جوهر، ناظم آباد ۾ پني رهيو هو، گرفتار ٿيل فقير 10، 50، 100، 500، 1000 ۽ 5000 جي ماليت جي ٿيلهين ۾ فقيري پئسا رکيا هئا. پوليس جو چوڻ آهي ته فقير اڪبر جو تعلق پنجاب جي بهاولپور شهر سان آهي.










