ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) سنڌ هاءِ ڪورٽ جي آئيني بينچ ڪراچي واٽر ڪارپوريشن جي عملدارن تي ڪاوڙ جو اظهار ڪندي چيو ته ميئر چيو هو ته اسان لائن ذريعي پاڻي فراهم ڪنداسين.اورنگي ٽائون ۾ هڪ شهري جي گهر کي پاڻي جي فراهمي نه ٿيڻ بابت درخواست جي ٻڌڻي ٿي.ٻڌڻي دوران عدالت سپرنٽينڊنٽ ڪراچي واٽر ڪارپوريشن کان پڇيو ته اهي ماڻهن کي پاڻي ڇو نه ڏئي رهيا آهن؟ درخواستگذار جي گهر کي پاڻي فراهم ڪريو.ڪراچي واٽر ڪارپوريشن جي وڪيل چيو ته پراڻيون لائينون آهن، بجلي جي لوڊشيڊنگ به آهي.جنهن تي جسٽس عدنان ڪريم ميمڻ چيو ته توهان لائينون ٺاهيون، ۽ ڪجهه خرچ عوام تي به منتقل ڪريو.سپرنٽينڊنٽ ڪراچي واٽر ڪارپوريشن عدالت کي ٻڌايو ته اسان کي پويان کان به تمام گهٽ پاڻي ملي رهيو آهي.جسٽس عدنان ڪريم ميمڻ پڇيو ته پوءِ ٽينڪر پاڻي ڪٿان ايندا آهن؟ ٽينڪر سڄي ڪراچي کي پاڻي فراهم ڪري رهيا آهن، پوءِ جڏهن پاڻي ٽينڪر ذريعي فراهم ڪيو پيو وڃي ته پوءِ لائن ذريعي ڇو نه پيو ڪيو وڃي؟ ان جو مطلب آهي ته پاڻي موجود آهي پر لائينن ذريعي فراهم نه ڪيو پيو وڃي.ڪراچي واٽر ڪارپوريشن جي سپرنٽينڊنٽ چيو ته ٽينڪر غير قانوني هائيڊرنٽس مان به پاڻي کڻندا آهن.عدالت چيو ته قانوني هجي يا غير قانوني، شهري پنهنجي گهرن تائين پاڻي پهچائين، ٽينڪر سسٽم بند ڪريو، ماڻهن کي لائينن ذريعي پاڻي ڏيو، اسان هن درخواست تي سخت فيصلو ڪنداسين.










