ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) ڪراچي جي سائيٽ ايريا ۾ هڪ فيڪٽري ۾ باهه لڳي وئي.فائر برگيڊ موجب، واليڪا چورنگي جي ويجهو هڪ فيڪٽري ۾ لڳل باهه کي وسائڻ ۾ ٻه فائر برگيڊ گاڏيون مصروف آهن.فائر برگيڊ عملدارن موجب، باهه ڪيميڪل فيڪٽري ۾ لڳي.ريسڪيو ترجمان موجب، فيڪٽري ۾ ڪو به موجود ناهي.










