جهاز غلطي ۾ نشانو بڻيو،ايران، يوڪرين پاران سزا ۽ معاوضي جو مطالبو

جهاز غلطي ۾ نشانو بڻيو،ايران، يوڪرين پاران سزا ۽ معاوضي جو مطالبو

تهران (ويب ڊيسڪ) ايران جي سرڪاري ٽي وي اعتراف ڪيو آهي ته يوڪريني مسافر جهاز انساني غلطي جي بنياد تي ڪيرايو ويو. ايراني فوج جي حوالي سان ٻڌايو ويو آهي ته انتهائي حساس علائقي مٿان پرواز ڪندڙ يوڪريني مسافر جهاز کي ميزائيل سان نشانو بڻايو ويو ۽ اهڙي علطي ڪندڙ اهلڪارن خلاف قانون موجب ڪاروائي ڪئي ويندي. يوڪرين جي بين الاقوامي فضائي ڪمپني جو جهاز گذريل اربع تي تهران ايئرپورٽ تان اڏام جي ڪجهه ئي دير بعد ڪري تباهه ٿيو هو جنهن ۾ مسافرن ۽ عملي جا 176 ماڻهو سوار هئا جيڪي سڀ مري ويا هئا. ايران جهاز جي تباهي جي جاچ ۾ يوڪرين سان مڪمل تعاون ڪرڻ ۽ بليڪ باڪس تائين رسائي ڏيڻ تي به رضا مندي ظاهر ڪئي آهي. ايران جي پرڏيهي وزير جواد ظريف ٽوئٽر تي جاري ڪيل بيان ۾ چيو آهي ته آمريڪي حملي بعد اسان جا فوجي جنگي جنون ۾ مبتلا هئا اسين مارجي ويل مسافرن جي پوئنرن کان معافي ٿا وٺون ۽ ساڻن تعزيت به ڪريون ٿا. هوڏانهن يوڪرين جي صدر مطالبو ڪيو آهي ته ايران غلطي ڪندڙن کي سخت سزا ڏئي، مري ويلن ۽ فضاي ڪمپني کي معاوضو ڏئي.

ياد رهي ته ڪئناڊا جي وزيراعظم جسٽن ٽروڊو گذريل ڏينهن بيان ۾ چيو هو ته ايران ميزائيل هڻي يوڪريني جهاز ڪيرايو آهي. اڳ ۾ ايران انڪار ڪندي چيو هو ته فني خرابي سبب جهاز ڪريو آهي ۽ هنن بليڪ باڪس تائين رسائي کان به انڪار ڪيو هو.

پهنجو تبصرو موڪليو