فراڊ ڪيس: نجف حميد کي گرفتاري نه ڪرڻ جو حڪم

فراڊ ڪيس: نجف حميد کي گرفتاري نه ڪرڻ جو حڪم

اسلام آباد (بيورو رپورٽ)اسلام آباد هاءِ ڪورٽ ايف آءِ اي کي اڳوڻي ڊي جي آءِ ايس آءِ فيض حميد جي ڀاءُ نجف حميد کي فراڊ ڪيس ۾ گرفتار ڪرڻ کان روڪي ڇڏيو آهي.جسٽس انعام امين منهاس اسپيشل جج سينٽرل جي گرفتاري کان اڳ ضمانت منسوخ ڪرڻ جي فيصلي کي معطل ڪري ڇڏيو، ڌرين کي نوٽيس جاري ڪيا ۽ انهن کان جواب طلب ڪيو.حڪم ۾ چيو ويو آهي ته درخواست ڏيندڙ جي وڪيل موجب، ٽرائل ڪورٽ 16 جنوري تي سببن سان ضمانت جو حڪم ڏنو هو، پر ضمانت جي منظوري جو حڪم بغير ڪنهن سبب جي واپس ورتو ويو. ضمانت منسوخي جو حڪم بعد جي تاريخ تائين معطل رهندو.

پهنجو تبصرو موڪليو