سانگهڙ: (ن س ) چوٽياريون ۾ زيادتي جو شڪار بڻيل نياڻي شاد بانو ملاح کي پوليس طرفان دفعه 164 تحت بيان رڪارڊ ڪرائڻ لاءِ عدالت ۾ پيش ڪيو ويو، جتي هن معزز عدالت آڏو پنهنجو بيان رڪارڊ ڪرايو. شاد بانو ملاح کي جي آءِ ٽي ميمبر ۽ ليگل آفيسر پي ڊي ايس پي ذڪريا ڪوريجو جي نگراني ۾ عدالت ۾ پيش ڪيو ويو. ساڳئي وقت الزام هيٺ آيل جوابدار وزير راڄڙ کي به عدالت ۾ پيش ڪيو ويو.عدالت ۾ بيان دوران شاد بانو ملاح ٻڌايو ته 20 ۽ 21 جنوري 2026 تي جوابدار وزير راڄڙ پسٽل جي زور تي سندس گهر ۾ گهڙي آيو ۽ زبردستي کيس پنهنجي باغ واري زمين تي وٺي ويو، جتي هن سان جنسي زيادتي ڪئي. هن وڌيڪ ٻڌايو ته هن جوابدار کي چيو هو ته ڪجهه ڏينهن بعد سندس شادي آهي، پر ان باوجود جوابدار جنسي زيادتي بعد سندس چهري تي بليڊ سان زخم ڏنا، زبان تي ڪٽ لڳايو ۽ سخت تشدد ڪيو.شاد بانو موجب، جوابدار چيو ته: “جيڪڏهن تون منهنجي نٿي ٿي سگهين ته مان توکي ڪنهن جو به نه ٿيڻ ڏيندس.” واقعي بعد جوابدار کيس موٽر سائيڪل تي ويهاري گهر ڀرسان ڇڏي فرار ٿي ويو. شاد بانو چيو ته مون سان زيادتي ٿي آهي، جنهن بعد هن پنهنجي والدين کي سمورا حقيقتون ٻڌايون.جي آءِ ٽي ميمبر ۽ ليگل آفيسر ذڪريا ڪوريجو چيو ته ڪيس هاءِ پروفائيل هجڻ سبب متاثر نياڻي کي عدالت ۾ پيش ڪري بيان رڪارڊ ڪرايو ويو آهي، نياڻي جي طبيعت هاڻي بهتر آهي ۽ وڌيڪ جاچ جاري آهي. هن وڌيڪ چيو ته سمورا قانوني تقاضا پورا ٿيڻ بعد ڪيس جو مڪمل چالان عدالت ۾ پيش ڪيو ويندو.










