آمريڪا ايران کي غيرمشروط ڳالهين جي آڇ ڪري ڇڏي

واشنگٽن (ويب ڊيسڪ) آمريڪا وچ اوڀر ۾ ڇڪتاڻ گهٽائڻ ۽ امن قائم ڪرڻ لاءِ ايران کي غير مشروط ڳالهين جي آڇ ڪري ڇڏي آهي.گڏيل قومن ۾ آمريڪي سفير ڪيلي ڪرافٽ سيڪورٽي ڪائونسل کي لکيل خط ۾ اهڙي پيشڪش ڪئي آهي. خط ۾ چيو ويو آهي ته ايراني ڪمانڊر قاسم سليماني آمريڪا لاءِ خطرو هو ۽ آمريڪا دفاعي ڪاروائي ڪندي مٿس حملو ڪيو جيڪو گڏيل قومن جي چارٽر جي شق 51 مطابق آهي. ماهرن جو چوڻ آهي ته گڏيل قومن جي شق 51 هيٺ ڪاروائي بابت سلامتي ڪائونسل کي آگاهه ڪرڻو هوندو آهي. آمريڪا ۽ ايران ۾ وڌيل ڇڪتاڻ واري معاملي ۾ ايران آمريڪا کان اڳ ۾ ان باري ۾ آگاهه ڪري ڇڏيو هو جنهن بعد آمريڪا به آگاهه ڪرڻ ضرور سمجهو. عراق ۾ قائم ٻن آمريڪي اڏن تي ايران حملو ڪيو هو جنهن ۾ سندن دعويٰ هئي ته 80 فوجي مارجي ويا آهن پر آمريڪا چيو ته سندن ڪو به جاني يا مالي نقصان ناهي ٿيو. ايران پاران گڏيل قومن کي لکيل خط ۾ چيو ويو هو ته هو جنگ نٿا چاهين ۽ ڳالهين ذريعي مسئلو حل ڪرڻ چاهن ٿا. هوڏانهن ٽرمپ انتظاميا جي پرڏيهي ۽ دفاع جي وزيرن، سي آءِ اي چيف ڪانگريس کي ايراني ڪمانڊر قتل ڪرڻ بابت بريفنگ ڏني جنهن ۾ هو ڪانگريس کي حملي جو جواز ٻڌائڻ ۽ مطمئن ڪرڻ ۾ ناڪام ويا. خود حڪمران جماعت ريپبلڪن جي نمائندن به عدم اطمينان ظاهر ڪيو آهي. ڪانگريس ۾ ايران تي حملي کان روڪڻ ۽ صدر ٽرمپ جا اختيار محدود ڪرڻ بابت ووٽنگ به ٿي رهي آهي.

پهنجو تبصرو موڪليو