قومي شاهراهه تي خوفناڪ حادثو، 5 فوت، 10 ڄڻا زخمي

قومي شاهراهه تي خوفناڪ حادثو، 5 فوت، 10 ڄڻا زخمي

ڪنڊيارو(اسد جعفري) قومي شاهراهه تي ڪنڊيارو ٽول پلازا تي خوفناڪ حادثو، 5 ڄڻا فوت، 10 ڄڻا زخمي ٿي پيا جنهن کي مقامي اسپتال ۾ داخل ڪيو ويو آهي. ڪراچي کان سوات ويندڙ هڪ تيز رفتار ڪوچ نمبر سي ايڇ 0013 ٽولا پلازا جي ڪئبن مٿان چڙھي ويئي جنهن سبب ٽول پلازا تي ڊيوٽي ڪندڙ 4 ملازم ٿڏي تي فوت ٿي ويا. جڏھن بس سوار هڪ 2 سالا ٻارڙو پڻ فوت ٿي ويو فوتين ۾ منصور مڱريو ، نصرالدين مزاري ، بيدو مزاري ،پرويز آرائين ۽ ٻارڙو عمر علي شامل آھن. جڏھن ته زخمين ۾ طاهر، فهيمدان، حماد، روبا، مسلم، فاطمه، سام، جان عزيز، سجاد ياسمين انيس اختر ۽ ٻيا شامل آھن.

پهنجو تبصرو موڪليو