آمريڪي فوجي اڏن تي حملو، ايران پاران 80 فوجي مارڻ جي دعويٰ

تهران (ويب ڊيسڪ) ايران القدس فورس جي سربراهه جنرل سليماني جي مارجڻ جي جواب ۾ عراق ۾ آمريڪا ۽ ان جي اتحادي فوج جي 2 اڏن تي 15 بليسٽڪ ميزائل حملا ڪيا آهن. برطانوي خابرو اداري رائٽرز جي رپورٽ مطابق تهران جي مقامي وقت مطابق رات 1:30 وڳي 2 فوجي اڏن کي نشانو بڻايو جتي آمريڪا ۽ ان جا اتحادي فوج جا اهلڪار رهن ٿا. جڏهن ته ڄاڻايل حملي ۾ ايران پنهنجي سرزمين کان هڪ درجن کان وڌيڪ ميزائل فائر ڪيا. ايران جي سرڪاري ٽيلي ويزن جي رپورٽ مطابق ميزائل حملن ۾ 80 آمريڪي دهشتگرد مارجي ويا ۽ ڪنهن به ميزائل کي نشاني کان روڪيو نه ويو. سرڪاري ٽي وي پاسداران انقلاب جي ذريعن حوالي سان ٻڌايو ويو آهي ته آمريڪا جوابي ڪارروائي ڪئي ته ايران جي نظر خطي ۾ موجود 100 هدف تي آهي. رپورٽ ۾ اهو به ٻڌايو ويو آهي ته آمريڪي هيليڪاپٽر، فوجي ساز و سمان کي به وڏو نقصان پهتو آهي. ٻئي طرف ايران دفاعي ڪاروائي ڪندي عراق ۾ ٻن آمريڪي اڏن تي ميزائيل حملا ڪيا آهن جن ۾ اڃا تائين جاني نقصان جو پتو ناهي پيو. حملن جي تصديق ڪندي ايراني پرڏيهي وزير جواد ظريف چيو هو ته اهو مناسب جوابي رد عمل آهي جيڪو اقوام متحده جي آرٽيڪل 51 مطابق آهي. آمريڪا به ايراني حملن جي تصديق ڪئي آهي ۽ سندن چوڻ هو ته هو نقصان جو جائزو وٺي رهيا آهن ۽ اربع تي ان بابت بيان جاري ڪندا. ايراني سرڪاري ٽي وي ٻڌايو آهي ته عراق ۾ آمريڪي سربراهي ۾ موجد اتحادي فوجن جي اڏن تي حملا ايران پنهنجي سرزمين تان رات ڏيڍ وڳي ڪيا.

Photo courtesy CNN

اسين آمريڪي فوجين کي چتاءُ ٿا ڏيون ته هو وچ اوڀر مان پنهنجي فوج واپس گهرائي. اسرائيل سميت عرب ملڪن کي چئون ٿا ته هو پنهنجي سرزمين ايران خلاف حملن لاءِ آمريڪا کي استعمال ڪرڻ نه ڏين. پينٽاگون جي ترجمان جوناٿن هوفمين ٻڌايو آهي ته عراق ۾ الاسد فضائي اڏي ۽ اربيل ۾ قائم اڏي تي ايران حملو ڪيو آهي. هن چيو ته اسين پنهنجي اتحادي فوجن جي نقصان جو جائزو وٺون پيا ۽ ضروري دفاعي ڪاروائي تي به غور ڪريون پيا. صدر ڊونلڊ ٽرمپ ٽوئيٽ ۾ چيو آهي ته هن مهل تائين سڀ ٺيڪ آهي ۽ آمريڪا جي فوج دنيا جي سڀ کان وڌيڪ طاقتور ۽ بهترين فوج آهي.

وائيٽ هائوس جي ترجمان اسٽيفني گريشم جو چوڻ آهي ته ايراني حملن بابت صدر ٽرمپ کي بريفنگ ڏني وئي آهي ۽ اسين صورتحال جي نگراني ڪري رهيا آهيون. هوڏانهن ايراني پرڏيهي وزير جواد ظريف چيو آهي ته اسين جنگ نٿا چاهيون پر دفاع جو حق رکون ٿا. عراق م آمريڪي اڏن تي حملو جنرل قاسم سليماني جي قتل جو مناسب جواب آهي ۽ ڪنهن به جارحيت جي دفاع جو حق رکون ٿا.

پهنجو تبصرو موڪليو