ڪراچي(ويب ڊيسڪ)مشهور يوٽيوبَر سعد الرحمٰن، جيڪو ’ڊڪي ڀائي‘ جي نالي سان سڃاتو وڃي ٿو، 10 ملين يعني هڪ ڪروڙ سبسڪرائبرز جو اهم سنگِ ميل عبور ڪري ورتو آهي۔
فيملِي ويلاگز ۽ روسٽنگ وڊيوز وسيلي شهرت حاصل ڪندڙ ڊڪي ڀائي تازو ان وقت بحث جو مرڪز بڻيو، جڏهن 16 آگسٽ 2025 تي ملائيشيا ۾ هڪ تقريب لاءِ روانگي کان اڳ هو پنهنجي زال سان گڏ ايئرپورٽ تي ايف آءِ اي طرفان گرفتار ڪيو ويو۔
يوٽيوبَر کي ٽي مهينا جيل ۾ گذارڻا پيا ۽ آخرڪار آزادي کان اڳ هڪ ايف آءِ اي آفيسر کي وڏي رقم به ادا ڪرڻي پئي۔
هاڻي ڊڪي ڀائي هڪ نئون ويلاگ شيئر ڪيو آهي، جنهن ۾ هن سڀني تڪرارن جي باوجود هڪ وڏي ڪاميابي جو جشن ملهايو آهي۔
ڊڪي ڀائي جي سالگرهه تي 10 لک جو چيڪ ڪنهن موڪليو؟
هن پنهنجي مداحن سان ٽي ڪلاڪ ڊگهي لائيو اسٽريم به ڪئي، جيڪا تڏهن تائين جاري رهي، جيستائين سندس يوٽيوب چينل 10 ملين سبسڪرائبرز جو هدف حاصل نه ڪري ورتو۔
ست سالن جي عرصي ۾ 10 ملين سبسڪرائبرز مڪمل ٿيڻ تي ڊڪي ڀائي پنهنجي مداحن جو دل جي گهراين سان شڪريو ادا ڪيو۔
هن ڏکئي وقت ۾ ساٿ ڏيڻ تي خاص طور پنهنجي والده جو شڪريو ادا ڪيو۔ سندس والده فون ڪال تي خوشيءَ جو اظهار ڪندي چيو ته اهو سڀ ڪجهه ناقابلِ يقين لڳي ٿو ۽ هن کي خبر ناهي ته 10 ملين جو احساس ڪهڙو هوندو آهي، پر جيڪڏهن پٽ خوش آهي ته هوءَ به خوش آهي۔










