سائنسدانن گردن جي مرض سبب دل جي دوري جا سبب ڳولي ورتا

سائنسدانن گردن جي مرض سبب دل جي دوري جا سبب ڳولي ورتا

ڪراچي(ويب ڊيسڪ)گردن جا دائمي مرض اڪثر مريضن لاءِ موتمار ثابت ٿيندا آهن، ۽ طبي ماهرن ان جو هڪ اهم سبب معلوم ڪيو آهي. يونيورسٽي آف ورجينيا هيلٿ سسٽم جي تحقيق مان معلوم ٿيو آهي ته آخر ڇو گردن جي دائمي مرض ۾ مبتلا مريض دل جي بيمارين سبب فوت ٿين ٿا.
واضح رهي ته گردن جي دائمي مرض ۾ مبتلا ماڻهن ۾ دل جي بيمارين جو شڪار ٿيڻ جو خطرو وڌيڪ هوندو آهي. هن تحقيق ۾ اها ڄاڻ حاصل ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي وئي ته ائين ڇو ٿئي ٿو؟
تحقيق مان معلوم ٿيو ته جڏهن گردن کي نقصان پهچي ٿو ته اهي اهڙا مادا خارج ڪن ٿا، جيڪي رت جي وهڪري ۾ شامل ٿي سڌو سنئون دل کي نقصان پهچائن ٿا. طبي ماهر ڪافي وقت کان اهو ڄاڻن ٿا ته جيترو وڌيڪ گردن کي نقصان پهچي ٿو، اوتريون ئي دل جون بيماريون وڌيڪ شديد ٿين ٿيون، پر هن وقت تائين ان جو اصل سبب معلوم نه ٿي سگهيو هو.
هن تحقيق دوران ليبارٽري ۾ ڪوئن تي تجربا ڪيا ويا. تحقيق مطابق بيمار گردا انتهائي ننڍڙا ذرڙا خارج ڪن ٿا، جيڪي رت ۾ شامل ٿي وڃن ٿا. عام طور تي اهي ذرڙا پيغام ڏيڻ جو ڪم ڪندا آهن ۽ پروٽين سميت ٻيو مواد خليات تائين پهچائيندا آهن. پر گردن جي دائمي مرض ۾ مبتلا ماڻهن ۾ اهي ئي ذرڙا اهڙو مادو دل تائين کڻي وڃن ٿا، جيڪو دل جي ٽشوز لاءِ زهر جهڙو هوندو آهي.
تحقيق دوران جڏهن ڪوئن ۾ انهن ذرڙن جي اخراج کي روڪيو ويو ته سندن دل جي ڪارڪردگي ۾ نمايان بهتري آئي ۽ هارٽ فيليئر جون علامتون گهٽجي ويون. محققن گردن جي دائمي مرض ۾ مبتلا مريضن ۽ صحتمند ماڻهن جي رت جو تجزيو پڻ ڪيو. تحقيق مان معلوم ٿيو ته زهر جهڙو مواد کڻي هلندڙ اهي ذرڙا مريضن جي رت ۾ موجود هئا، جڏهن ته صحتمند ماڻهن ۾ اهي موجود نه هئا.
محققن موجب، ماهر هميشه حيران رهندا هئا ته آخر گردا ۽ دل جهڙا عضوا هڪ ٻئي سان ڪيئن رابطو ڪن ٿا، ۽ هاڻي هن تحقيق ذريعي ثابت ٿيو آهي ته اهي ذرڙا گردن کان دل تائين سفر ڪن ٿا ۽ زهر جهڙو مواد منتقل ڪن ٿا.
انهن وڌيڪ چيو ته انهن نتيجن جي بنياد تي اهڙو بلڊ ٽيسٽ تيار ڪري سگهجي ٿو، جنهن ذريعي گردن جي دائمي مرض ۾ مبتلا ماڻهن ۾ دل جي سنگين مسئلن جي خطري جي اڳڪٿي ڪري سگهبي. هن تحقيق جا نتيجا سائنسي جرنل سرڪوليشن (Circulation) ۾ شايع ٿيا آهن.

پهنجو تبصرو موڪليو