اسلام آبادرپورٽ اياز مهر)پاڪستان جي اليڪشن ڪميشن مالياتي گوشوارا جمع نه ڪرائڻ تي 446 پارليامينٽيرينز کي حتمي نوٽيس جاري ڪري ڇڏيا آهن. جن ۾ ڪجهه وفاقي ۽ صوبائي وزير به شامل آهن.
ڪميشن موجب، 26 سينيٽرن، 125 قومي اسيمبلي جي ميمبرن، 159 پنجاب اسيمبلي جي ميمبرن، 62 سنڌ اسيمبلي جي ميمبرن، 48 خيبر پختونخوا اسيمبلي جي ميمبرن، ۽ 26 بلوچستان اسيمبلي جي ميمبرن کي نوٽيس ملي چڪا آهن.
پاڪستان جي اليڪشن ڪميشن (ECP) خبردار ڪيو آهي ته تعميل نه ڪرڻ جي صورت ۾ اليڪشن ايڪٽ 2017 تحت سندن ميمبرشپ جي معطلي جو حڪم جاري ڪيو ويندو. قانون جي شق 137 موجب پارليامينٽرينز کي پنهنجي، زال ۽ انحصاري ٻارن جي ملڪيت ۽ قرض بابت هر سال 31 ڊسمبر تائين تفصيل جمع ڪرائڻ لازم آهي.
ECP اعلان ڪيو آهي ته سينيٽ، قومي اسيمبلي، ۽ پنجاب، سنڌ، خيبر پختونخوا، ۽ بلوچستان جي صوبائي اسيمبلي جي ميمبرن کي موڪليل نوٽيس ۾ چيو ويو آهي ته ٻن هفتن اندر گوشوارا جمع نه ڪرائيندڙ ميمبرن جي ميمبرشپ 16 جنوري 2026 تي معطل ڪئي ويندي.
ڪميشن موجب، جن 26 سينيٽر پنهنجي گوشوارا جمع نه ڪرايا آهن تن ۾ رانا محمود الحسن، فوزيه ارشد، حميد خان، ايمل ولي خان، ۽ عبدالشڪور خان شامل آهن.
قومي اسيمبلي ۾، 125 ميمبرن ۾ امير مقام، طارق فضل چوڌري، شيخ آفتاب احمد، عقيل ملڪ، محمد ثنا الله خان مستي خيل، سردار محمد لطيف خان کوسه، عطاالله تارڙ، سردار اويس احمد خان لغاري، سيد مصطفى ڪمال، خالد مقبول صديقي، مهرين رزاق ڀٽو ، رميش ڪمار ونڪواڻي به شامل آهن.
پنجاب ۾، 159 اسيمبلي ميمبرن پنهنجا گوشوارا جمع نه ڪرايا آهن، جن ۾ حافظ فرحت عباس، ملڪ خالد پرويز کوکر، ميان محمد منير، فاروق احمد خان مانيڪا، ميان علمدار عباس قريشي، محمد سبتين رضا، ۽ سردار شير افگن گورچاڻي به شامل آهن.
سنڌ اسيمبلي ۾ 62 ميمبر اڃا تائين گوشوارا جمع نه ڪرايا آهن، جن ۾ آغا شهباز علي دراني، سهيل انور سيال، نثار احمد کهڙو، سيد قائم علي شاهه، شرجيل انعام، ۽ مڪيش ڪمار چاولا شامل آهن.
خيبر پختونخوا ۾، 48 ميمبرن اڃا گوشوارا جمع نه ڪرايا آهن، جن ۾ محمد انور خان ۽ محمد اقبال خان به شامل آهن.
بلوچستان ۾، 26 ميمبرن کي نوٽيس موڪليو ويو آهي جن ۾ سردار عبدالرحمان کيتران نواب چنگيز خان مري، محمد صادق سنجراڻي، ۽ راحيله حميد خان دراني شامل آهن.
ڪميشن ميمبرن ٻڌايو آهي ته گوشوارا جمع ڪرائڻ جو مخصوص فارم سندن ويب سائيٽ تان ڊائون لوڊ ڪري سگهجن ٿا.










