سليماني کي جنگ روڪڻ لاءِ نشانو بڻايو ويو، ٽرمپ

واشنگٽن (ويب ڊيسڪ) آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ چيو آهي ته ايراني جنرل قاسم سليماني کي جنگ شروع ڪرڻ لاءِ نه پر جنگ کي روڪڻ لاءِ نشانو بڻايو ويو. فلوريڊا ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي هن چيو ته اسين ايراني حڪومت تبديل ڪرڻ نٿا چاهيون. ايراني قوم اعليٰ ظرف آهي ۽ شاندار ثقافت جي مالڪ آهي پر قاسم سليماني ملڪ ۾ ٿيندڙ مظاهرن تي تشدد ۽ شهرين جي قتل ۾ ملوث هو. هن دعويٰ ڪئي ته ايراني ڪمانڊر آمريڪي سفرتڪارن جي قتل جي رٿا بندي ڪري رهيو هو تڏهن کيس قتل ڪيو ويو. هوڏانهن آمريڪا ايراني جرنيل جي قتل بعد خطي ۾ وڌندڙ ڇڪتاڻ سبب وڌيڪ 3 هزار فوجي مشرق وسطيٰ ۾ موڪلڻ جو اعلان ڪيو آهي. خابرو اداري رائٽر موجب پينٽاگون هڪ برگيڊ فوج خطي ۾ موڪلڻ جي منظوري ڏني آهي. ڪجهه ڏينهن اڳ 750 فوجي آمريڪا موڪليا هئا جيڪي ڪويت ۾ موجود آهن. جڏهن ته ان کانسواءِ مشرق وسطيٰ ۾ آمريڪا جي اڳ ۾ ئي 14 هزار کان مٿي فوج، بحري ٻيڙو،  مرينز ۽ ايئر فورس جا دستا موجود آهن. آمريڪا جو چوڻ آهي ته هو پنهنجي موجود فوج جي حفاظت لاءِ وڌيڪ فوج موڪلي رهيو آهي.

پهنجو تبصرو موڪليو