ڇا فزڪس خدا جي وجود کي ثابت ڪري سگهي ٿي؟

ڇا فزڪس خدا جي وجود کي ثابت ڪري سگهي ٿي؟

ليکڪ: مونيڪا گريڊي
مان خدا تي ايمان رکندو هئس (هاڻي مان دهريو ٿي چڪو آهيان)، پر هڪ سيمينار ۾ مون هيٺيون سوال ٻڌو، جيڪو سڀ کان پهرين آئنسٽائن اٿاريو هو، ۽ اهو سوال ٻڌي مان هڪدم ماٺ ٿي ويس.
سوال هي هو: “جيڪڏهن ڪنهن خدا جو وجود آهي، جنهن هي ساري ڪائنات ۽ ان جا سڀ قانون تخليق ڪيا آهن، ته ڇا اهو خدا پاڻ پنهنجي ٺاهيل قانونن جو پابند آهي يا خدا پنهنجن ئي ٺاهيل قانونن کان مٿانهون ٿي سگهي ٿو؟ مثال طور، روشني جي رفتار کان تيز سفر ڪرڻ ۽ اهڙيءَ طرح هڪ ئي وقت ڪيترين ئي جڳهن تي موجود هجڻ.”
ڇا هن سوال جو جواب خدا جي وجود يا عدمِ وجود کي ثابت ڪري سگهي ٿو، يا هي اهو مقام آهي جتي سائنسي ايمپيريسزم (فلسفي جو اهو نظريو ته علم تجربن ۽ عملي ثبوتن سان حاصل ٿئي ٿو) ۽ مذهب پاڻ ۾ ڳالهه ٻولهه ڪن ٿا ۽ اتي ڪنهن به ڳالهه جو ڪو حتمي جواب موجود ناهي؟ (ڊيوڊ فراسٽ، عمر 67 سال، لاس اينجلس، آمريڪا)
——————————————————————————————-
مان انهن ڏينهن لاڪ ڊائون ۾ بند هيس، جڏهن مون کي هي سوال مليو، ۽ مون فوراً ان جو جواب ڳولڻ شروع ڪيو. اهو وقت واقعي ڏکيو ۽ پريشان ڪندڙ هو. تڪليف ڏيندڙ واقعا ٿي رهيا هئا، جهڙوڪ عالمي وبا وغيره. اهڙيون حالتون اسان جي دلين ۾ خدا جي وجود بابت سنجيده سوال پيدا ڪن ٿيون: جيڪڏهن ربّ العالمين موجود آهي ته پوءِ ايتري تباهي ۽ بربادي ڇو ٿي رهي آهي؟ اهو خيال ته شايد خدا به طبعياتي يعني فزڪس جي قانونن جو پابند هجي—اهي قانون جيڪي ڪيميا ۽ حياتيات جي علمن تي به حاوي آهن—اهڙو تصور هو جنهن تي وڌيڪ تحقيق جي ضرورت هئي.
جيڪڏهن خدا پاڻ طبعياتي قانونن کي ٽوڙڻ جي قابل ناهي، ته پوءِ ظاهر آهي هو ايترو طاقتور ناهي جيترو اسين کيس عظيم سمجهون ٿا. پر جيڪڏهن هو طاقتور آهي، ته پوءِ اسان ڪائنات ۾ طبعيات جي قانونن جي ٽٽڻ جا ثبوت ڇو ناهن ڏٺا؟
هن سوال کي سمجهڻ لاءِ ان کي حصن ۾ ورهائي ڏسون ٿا. پهريون نڪتو: ڇا خدا روشني جي رفتار سان سفر ڪري سگهي ٿو؟ اچو ته هن سوال کي ظاهري صورت ۾ ڏسون. روشني لڳ ڀڳ هڪ لک ڇهياسي هزار ميل في سيڪنڊ جي رفتار سان سفر ڪري ٿي. اسان شاگرديءَ جي زماني ۾ پڙهندا آيا آهيون ته روشني جي رفتار کان وڌيڪ تيز ڪا به شيءِ سفر نٿي ڪري سگهي. ايتري تائين جو آمريڪي سائنس فڪشن “اسٽار ٽريڪ” ۾ يو ايس ايس انٽرپرائز به روشني کان تيز سفر نٿي ڪري سگهي، جيتوڻيڪ ان جا ڊيليٿيم ۾ بدلجندڙ ذرڙا پنهنجي تيز ترين رفتار سان حرڪت ڪري رهيا هجن.
پر ڇا اها حقيقت آهي؟ ڪجهه سال اڳ طبعيات جي ماهرن جي هڪ گروهه هڪ تحقيقي مفروضو شايع ڪيو، جنهن مطابق “ٽيڪيونز” نالي ذرڙا روشني جي رفتار کان به تيز سفر ڪندا آهن. خوشقسمتيءَ سان، اهڙن ذرڙن جي حقيقي وجود جا امڪان تمام گهٽ آهن. جيڪڏهن اهي موجود هجن ها ته انهن جي هڪ خيالي ڪميت هجي ها، جنهن سبب خلا ۽ وقت جي بناوت بگڙي وڃي ها ۽ علت ۽ معلول جي قانون ۾ خرابي پيدا ٿي وڃي ها.
ان ڪري، هينئر تائين اهو ئي لڳي ٿو ته ڪا به شيءِ روشني جي رفتار کان تيز سفر نٿي ڪري سگهي. هي مشاهدو پنهنجي جاءِ تي خدا جي وجود بابت ڪجهه به ثابت نٿو ڪري؛ اهو رڳو روشني جي رفتار بابت اسان جي ڄاڻ ۾ اضافو ڪري ٿو.
جيڪڏهن خدا جو وجود هجي، ته پوءِ سوال اڀري ٿو ته ڇا هو طبعيات جي سائنسي قانونن جو پابند هوندو؟. اهڙن موضوعن تي بحث تڏهن وڌيڪ دلچسپ ٿي وڃي ٿو، جڏهن اسين اهو به سوچيون ٿا ته روشني جڏهن کان سفر شروع ڪيو آهي، تڏهن کان هن وقت تائين ڪيترو فاصلو طئي ڪيو هوندو. فرض ڪريون ٿا ته “بگ بينگ” نالي پهرين وڏي ڌماڪي کان وٺي روشني 300,000 ڪلوميٽر في سيڪنڊ جي رفتار سان سفر ڪري رهي آهي.
ڪائنات بابت اندازو آهي ته جيڪڏهن ان جي ڪا سرحد آهي ته اها شايد 46 ارب نوري سالن جي فاصلي تي آهي. وقت گذرڻ سان ڪائنات جو حجم وڌي رهيو آهي، ۽ روشني کي اسان تائين پهچڻ لاءِ وڌيڪ سفر ڪرڻو پوي ٿو.
اسان کي جيڪا ڪائنات نظر اچي ٿي، اها ان کان گهڻي وڏي آهي. پر هن وقت تائين اسان سڀ کان ڏورانهين شيءِ جيڪا ڏٺي آهي، اها GN-z11 نالي هڪ ڪهڪشان آهي، جنهن کي “هبل اسپيس ٽيلي اسڪوپ” ذريعي ڏٺو ويو. ان جي روشني زمين تائين پهچڻ ۾ لڳ ڀڳ 13.4 ارب نوري سال لڳا. جڏهن انهن شعاعون پنهنجي سفر جي شروعات ڪئي هئي، تڏهن اها ڪهڪشان اسان جي ڪهڪشان “مِلڪي وي” کان لڳ ڀڳ ٽي ارب نوري سال پري هئي.
اسان سڄي ڪائنات کي اک سان ڏسي نٿا سگهون، جيڪا بگ بينگ سان وجود ۾ آئي. ڪجهه ماهرن جو چوڻ آهي ته اسان کي اهو معلوم ناهي ته ڪائنات جي ٻين حصن ۾ طبعياتي قانون مختلف نموني ڪم ڪن ٿا يا نه. ٿي سگهي ٿو اتي پنهنجا مقامي قانون هجن، جيڪي اتفاق سان وجود ۾ آيا هجن. اهو خيال اسان کي موجوده ڪائنات کان اڳتي سوچڻ تي مجبور ڪري ٿو.
لاتعداد ڪائناتون
ڪاسمولاجسٽس (ڪائنات جي مطالعو ڪندڙن) جو خيال آهي ته اسان جي ڪائنات شايد هڪ وڏي ڪائنات جو حصو هجي، جنهن کي “ڪثيرالڪائنات” يا “متعدد ڪائناتون” چيو وڃي ٿو—اهو تصور جتي ڪيترين ئي ڪائناتن جو وجود آهي، پر انهن جي وچ ۾ ڪو به رابطو ناهي. هي نظريو “افراطِ ڪائنات” سان به سهارو وٺي ٿو، يعني اهو خيال ته ڪائنات پنهنجي شروعاتي لمحن ۾ انتهائي تيزيءَ سان ڦهلجي وئي. پر جيڪڏهن ڪائنات هڪ ڀيرو ڦهلجي سگهي ٿي، ته پوءِ ڪيترائي ڀيرا ڇو نه؟ اسان جي تجربن مان معلوم ٿئي ٿو ته ڪوانٽم سطح تي لاهن چاڙهن سان ذرڙا جوڙن جي صورت ۾ ظاهر ٿين ٿا ۽ فوراً غائب به ٿي وڃن ٿا. جيڪڏهن اهڙيءَ طرح ذرڙا پيدا ٿي سگهن ٿا ته پوءِ پوريون ڪائناتون ڇو نه؟
پر هن سڄي پکيڙ واري عمل ۾ خدا جو تصور ڪٿي بيهي ٿو؟ ماهرن لاءِ سڀ کان وڌيڪ حيرت انگيز ڳالهه اها آهي ته اسان جي ڪائنات اهڙي توازن تي ڪيئن پهتي، جو ان ۾ زندگي وجود ۾ اچي وئي. بگ بينگ ۾ اهڙا بنيادي ذرڙا پيدا ٿيا، جن مان هائيڊروجن ۽ ڊيوٽيريم جهڙا عنصر ٺهيا، ۽ انهن مان پهريان تارا وجود ۾ آيا.
انهن تارن ۾ ٿيندڙ نيوڪليئر عمل اهڙو ماحول پيدا ڪيو، جنهن مان ڪاربان، نائيٽروجن ۽ آڪسيجن جهڙا عنصر ٺهيا—۽ زندگي ممڪن ٿي. اهو ڪيئن ممڪن ٿيو ته ڪائنات جا سڀ طبعياتي قانون اهڙيون ئي قدرون رکن، جيڪي آخرڪار زندگيءَ جي تخليق تائين وٺي وڃن؟
ڪجهه ماهر چون ٿا ته اهو رڳو هڪ خوش قسمت اتفاق هو. ٻيا چون ٿا ته اسان کي حيران ٿيڻ نه گهرجي، ڇو⁠تہ اهي ئي قانون اسان جي وجود جو سبب بڻيا آهن. جڏهن⁠تہ ڪجهه ماهر، جيڪي الوهيت تي يقين رکن ٿا، چون ٿا ته اهي قدرتي مظاهر خدا جي وجود جو ثبوت آهن.
پر خدا جي وجود بابت ڪا به مستند سائنسي وضاحت موجود ناهي. ان جي بدران، متعدد ڪائناتن جو نظريو اهو امڪان قبول ڪري ٿو ته مختلف ڪائناتن ۾ مختلف طبعياتي قانون ٿي سگهن ٿا. اهڙيءَ صورت ۾ اها ڳالهه حيرت جهڙي ناهي ته اسين اهڙي ڪائنات ۾ رهون ٿا، جيڪا زندگيءَ لاءِ سازگار آهي. يقيناً اهو خيال رد نٿو ڪري سگهجي ته انهن سڀني ڪائناتن کي ڪنهن هڪ خدا تخليق ڪيو هجي.
ڪوانٽم جو انوکو پڻ
هاڻي اچو ته غور ڪريون ته ڇا خدا هڪ ئي وقت ڪيترين ئي جڳهن تي موجود ٿي سگهي ٿو. جديد سائنس ۾، خاص طور خلائي سائنس ۾، اسان ڪوانٽم ميڪينڪس تي ڀاڙيون ٿا—اهو نظريو جيڪو ايٽمن ۽ ذرڙن جي عجيب دنيا کي بيان ڪري ٿو.
ڪوانٽم ميڪينڪس “ڪوانٽم انٽيگلمنٽ” جو تصور پيش ڪري ٿي، جتي ٻه ذرڙا انتهائي پراسرار نموني سان هڪٻئي سان ڳنڍيل هوندا آهن. جيڪڏهن اهي جدا به هجن، تڏهن به هڪ ذرڙي ۾ تبديلي ٻئي تي فوراً اثرانداز ٿئي ٿي.
مثال طور، جيڪڏهن هڪ ذرڙو ٽٽي A ۽ B ۾ ورهائجي وڃي، ته تحفظ جو اصول چوي ٿو ته ٻنهي جون خاصيتون گڏجي اصل ذرڙي جي برابر هجن. جيڪڏهن A جي اسپن مثبت ٿئي ٿي، ته B جي اسپن لازمي طور منفي ٿيندي—چاهي اهي ڪيترا به پري هجن. اهڙيءَ طرح معلومات فوراً منتقل ٿي وڃي ٿي، جيڪا ظاهري طور روشني کان به تيز لڳي ٿي. تنهنڪري، هتي ڪا شيءِ آهي جيڪا روشني کان به تيز “سفر” ڪري ٿي—۽ اها آهي ڪوانٽم معلومات. هي ڳالهه نه خدا جي وجود کي ثابت ڪري ٿي ۽ نه رد، پر شايد اسان کي خدا بابت سوچڻ ۾ مدد ڏئي ٿي.
آخرڪار، هي اهو مقام آهي جتي سائنس ۽ مذهب الڳ ٿين ٿا. سائنس ثبوت گهري ٿي، جڏهن⁠تہ مذهب ايمان ۽ عقيدي جو تقاضو ڪري ٿو. سائنسدان خدا جي وجود کي ثابت ڪرڻ يا رد ڪرڻ جي ڪوشش نٿا ڪن، ڇو⁠تہ اهڙو ڪو تجربو ممڪن ناهي. ۽ جيڪڏهن اوهين خدا تي يقين رکو ٿا، ته سائنس جي دريافتن سان اوهان جي ايمان ۾ فرق نٿو پوي.
آخر ۾، اچو ته هڪ ليکڪ ٽيري پرچيٽ جي ڪتاب ريپر مين مان هڪ اقتباس سان ڳالهه پوري ڪريون: “روشني سمجهي ٿي ته هوءَ هر شيءِ کان تيز آهي، پر اهو غلط آهي. روشني ڪيتري به تيز هجي، اوندهه هميشه اتي اڳ ئي موجود هوندي آهي ۽ ان جي منتظر هوندي آهي.”
(هن مضمون جي ليکڪا، مونيڪا گريڊي، دي اوپن يونيورسٽي ۾ سيارن ۽ خلائي سائنس جي پروفيسر آهي. هي مضمون 2021 م بي بي سي تي شايع ٿيو هو، جيڪو سندن ٿورن سان اسين پڙهندڙن لاءِ پيش ڪريون ٿا)

پهنجو تبصرو موڪليو