اسلام آباد(رپورٽ اياز مهر) آءِ ايس پي آر اربع تي ٻڌايو آهي ته پاڪستان نيوي جي هينگور ڪلاس جي چوٿين سب ميرين، جنهن جو نالو “غازي” رکيو ويو آهي، چين جي شهر ووهان ۾ شوانگليو بيس تي لانچ ڪئي وئي آهي.
غازي جي لانچ سان گڏ آءِ ايس پي آر نيوي جي هن اڳڀرائي کي “هڪ ٻيو اهم سنگِ ميل” قرار ڏنو ۽ چيو ته چين ۾ تيار ٿيندڙ چارئي سب ميرينون يعني آبدوزون هن وقت “سخت سامونڊي آزمائشن” مان گذري رهيون آهن ۽ پاڪستان حوالي ڪرڻ جي آخري مرحلن ۾ آهن.
آءِ ايس پي آر پنهنجي بيان ۾ چيو ته “پاڪستان جي حڪومت چين سان هينگور ڪلاس جون اٺ سب ميرينون حاصل ڪرڻ لاءِ معاهدو ڪيو هو. هن معاهدي تحت چار سب ميرينون چين ۾ تيار ڪيون ويون، جڏهن ته باقي چار ٽيڪنالاجي جي منتقلي (ToT) جي تحت پاڪستان ۾ ڪراچي شپ يارڊ اينڊ انجنيئرنگ ورڪس لميٽيڊ (KS&EW) طرفان تيار ڪيون وينديون.”
فوج جي ميڊيا ونگ وڌيڪ چيو ته انهن سب ميرينن ۾ جديد هٿيار ۽ سينسر لڳايا ويندا، جيڪي اسٽينڊ آف رينج تان هدفن کي نشانو بڻائڻ جي صلاحيت رکن ٿيون.
بيان ۾ چيو ويو ته “هينگور ڪلاس سب ميرينون علائقي ۾ امن ۽ استحڪام برقرار رکڻ ۾ اهم ڪردار ادا ڪنديون.” ان سان گڏ چيو ويو ته لانچنگ تقريب ۾ چين ۽ پاڪستان جا سينيئر عملدار شريڪ ٿيا، جيڪو ٻنهي ملڪن وچ ۾ وڌندڙ ٻطرفي سهڪار جو مثال آهي.
نيوي نون سب ميرينz مان پهرين کي اپريل 2024 ۾ لانچ ڪيو هو، جڏهن ته ٻي ۽ ٽين سب ميرين هن سال بالترتيب 15 مارچ ۽ 15 آگسٽ تي لانچ ڪيون ويون.
هي سب ميرين ڪلاس، پاڪستان نيوي جي تاريخي سب ميرين پي اين ايس هينگور جي نالي سان منسوب آهي. هينگور هڪ ڊيزل ـ اليڪٽرڪ حملي واري سب ميرين هئي، جنهن ۾ ايئر اِنڊيپنڊنٽ پروپلشن ٽيڪنالاجي موجود هئي، جيڪا ان کي ٻيهر مٿاڇري تي اچڻ کان اڳ ڊگهو فاصلو طئي ڪرڻ جي صلاحيت ڏيندي هئي.
1971 جي پاڪستان ـ ڀارت جنگ دوران، تڏهن جي پي اين ايس هينگور ٻي عالمي جنگ کانپوءِ پهرين سب ميرين بڻجي وئي هئي، جنهن هڪ جنگي جهاز کي ٻوڙيو، جڏهن هن هڪ ڀارتي فريگيٽ کي نشانو بڻايو. سروس مان فارغ ٿيڻ کان پوءِ، هينگور هن وقت ڪراچي ۾ پاڪستان ميريٽائيم ميوزيم ۾ نمائش لاءِ رکيل آهي.
ماهرن جو چوڻ آهي ته هينگور Hangorڪلاس سب ميرينون (S26)، جيڪي چين جي يوان ڪلاس تي ٻڌل آهن، جديد ڊيزل ـ اليڪٽرڪ حملي واريون آبدوزون آهن. انهن ۾ ايئر اِنڊيپنڊنٽ پروپلشن (AIP) (اسٽرلنگ بيسڊ) نظام شامل آهي، جيڪو ڊگهي عرصي تائين پاڻي هيٺ رهڻ جي صلاحيت فراهم ڪري ٿو. هي سب ميرينون انتهائي خاموش، گهٽ آواز واريون آهن، جن ۾ 533 ملي ميٽر جا ڇهه تارپيڊو ٽيوب آهن ۽ اينٽي شپ ميزائلن (جهڙوڪ بابر ـ 3) سان ليس آهن.
اهي سب ميرينون خاموش ۽ طاقتور اينٽي سب ميرين ۽ اينٽي سرفيس جنگ لاءِ تيار ڪيون ويون آهن، جڏهن ته هندي سمنڊ ۾ علائقي جي روڪٿام (ايرِيا ڊينائل) جي صلاحيتن کي وڌيڪ مضبوط بڻائن ٿيون.










