راڻي پور ۾ پورھيت جو لاش زمين مان ھٿ

راڻي پور ۾ پورھيت جو لاش زمين مان ھٿ

راڻي پور(رپورٽر) راڻي پور ٿاڻي جي حد جي ڳوٺ مير خان شاھاڻي واسي نوجوان حبدار علي ولد منٺار علي شاھاڻي جو لاش ڳوٺ ڀرسان زمين تان ھٿ آيو آھي، اھڙي واقعي جو اطلاع ملڻ تي راڻيپور پوليس واقعي واري هنڌ پهچي لاش پنھنجي تحويل ۾ وٺي راڻيپور اسپتال کڻائي آئي، اسپتال مان لاش جي ضروري ڪاروائي بعد وارثن حوالي ڪيو ويو، جيڪي سندن جون آخري رسمون ادا ڪرڻ لاءِ آبائي ڳوٺ ميرخان شاھاڻي کڻائي ويو، فوتي نوجوان جي قتل جو ڪارڻ معلوم ٿي ناھي سگھيو ۽ ناھي وري ڪو ڪيس داخل ٿيو آھي، پوليس موجب تہ پوسٽ مارٽم بعد صورتحال جي واضع ٿيڻ جو امڪان آھن، باقي وڌيڪ جاچ ڪري رهيا آهيون.

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو