ڪراچي (شهزادو مستوئي) سنڌ هاءِ ڪورٽ “جونا ڳڙهه هائوس” کي شادي جي تقريبن سميت فلمن ۽ ڊرامن جي رڪارڊنگ سميت ڪاروباري مقصدن لاءِ استعمال ڪرڻ کان روڪڻ جو حڪم ڏنو آهي. اهڙو حڪم سومر تي خاندان ۾ ملڪيت جي تڪرار سبب داخل درخواست جي ابتدائي ٻڌڻي ڪندي جاري ڪيو. عدالت نواب آف جونا ڳڙهه جهانگير خانجي ۽ وزارت سيفران کي نوٽيس جاري ڪري 29 جنوري تي لکت ۾ جواب پيش ڪرڻ جي هدايت ڪئي آهي. سومر تي ٻڌڻي دوران نواب آف جونا ڳڙهه جهانگير خانجي به عدالت ۾ موجود هو. داخل ڪيل درخواست ۾ موقف اختيار ڪيو ويو آهي ته “جونا ڳرهه هائوس” خاندان وچ ۾ تڪراري بڻيل آهي جنهن بابت عدالت ۾ ڪيس پڻ هلندڙ آهي جنهنڪري هائوس کي ڪمرشل مقصدن لاءِ استعمال نه ٿو ڪري سگهجي پر ان باوجود مخالف ڌر جونا ڳڙهه هائوس ۾ روز شادي جون تقريبون منعقد ڪيون وڃن ٿيون، فلمن ۽ ڊرامن جي شوٽنگ سميت شادين جون تقريبون ڪيون پيون وڃن جنهن کي روڪيو وڃي جنهن تي عدالت “جونا ڳڙهه هائوس” کي ڪاروباري مقصدن لاءِ استعمال خلاف منع نامو جاري ڪندي نواب آف جونا ڳڙهه کي تنبيهه ڪئي ته جيڪڏهن “جونا ڳڙهه هائوس” کي غير قانوني مقصدن لاءِ استعمال ڪيو ويو ته ذميوارن خلاف ڪارروائي ڪئي ويندي.










