بجلي پيدا ڪندڙ فوجي بوٽ، لباس ۽ هيلمٽ جي تياري

واشنگٽن (ويب ڊيسڪ) آمريڪي فوج جي لاءِ خصوصي جوتا ۽ سولر چارجنگ وارو لباس ۽ هيلمٽ تيار ڪرڻ تي تحقيق شروع ڪئي وئي آهي. جوتن جي کڙي ۾ اهڙو ننڍڙو موٽر لڳايو ويندو جيئن ئي فوجين جي چر چر سبب ان تي زور پوندو ته هو بجلي پيدا ڪندو جيڪا فوجين جي استعمال هيٺ واڪي ٽاڪي، موبائل فون ۽ جي پي ايس سميت ٻيا آلات چارج ڪرڻ لاءِ ڪافي هوندي.فوجي بوٽن ۾ لڳل اهو آلو ٽريڪنگ جو به ڪم ڪندو ۽ ڪنهن به آفت جي صورت ۾ فوجي کي ڳولڻ آسان ٿي ويندو. آرمي ٽائمز اخبار موجب فوجين جي هيلمٽ ۽ ڊريس ۾ سولر سسٽم تي چارجنگ لاءِ به ڪم ٿي رهيو آهي. جڏهن ته فوجين جي گوڏن تي لڳل گارڊز ۾ به چارجنگ سسٽم لڳائڻ تي تحقيق هلي رهي آهي. جيئن ئي هو اڳتي يا پوئتي قدم کڻندا ته ان چر پر سبب بجلي پيدا ٿي سگهندي. ان کانسواءِ فوجي جيڪو پٺي تي ٿيلهو يعني بيڪ پيڪ کڻندا آهن ان جي چر پر سان بجلي پيدا ڪرڻ تي به ڪم جاري آهي. فوجي محققن جو چوڻ آهي ته ان لاءِ ٿيلهو ڍلو رکڻو پوندو جيئن فوجين جي چر پر سان اهو لڏي، پوءِ چاهي هيٺ مٿي يا هيڏي هوڏي ٿيڻ سان جيڪا چر پر ٿيندي ان سان بجلي ٺهندي اها ايتري هوندي جو فوجين جي استعمال واريون سموريون شيون چارج ٿي سگهنديون. ان لاءِ روبوٽڪ ريسرچ ڪمپني کي هڪ ڪروڙ 65 لک ڊالر جاري ڪيا ويا آهن جيئن هو جلد تحقيق ڪري گهربل ٽارگٽ حاصل ڪن.

بجلي پيدا ڪندڙ فوجي بوٽ، لباس ۽ هيلمٽ جي تياري” هڪ تبصرو

پهنجو تبصرو موڪليو