سوراب، ڪار ۽ ٽرڪ ۾ ٽڪر، ڪراچي جا 5 شهري فوت

سوراب، ڪار ۽ ٽرڪ ۾ ٽڪر، ڪراچي جا 5 شهري فوت

ڪوئٽه (ويب ڊيسڪ)بلوچستان ۾ نيشنل هاءِ وي اين-25 تي ڪار ۽ ٽرڪ جي ٽڪر ۾ ڪار ۾ سوار پنج ماڻهو فوت ٿي ويا. فوت ٿيندڙن جو تعلق ڪراچي سان آهي، بلوچستان جي سوراب علائقي ۾ هڪ خوفناڪ ٽرئفڪ حادثو پيش آيو آهي. هڪ ٽرڪ ۽ ڪار ۾ ٽڪر ٿيو، جنهن جي نتيجي ۾ پنج ماڻهو فوت ٿي ويا. ڪار ۾ سوار سڀئي پنج ماڻهو موقعي تي فوت ٿي ويا. ڪار ۾ سوار سڀئي پنج ماڻهو ڪراچي جا آهن جيڪي موقعي تي فوت ٿي ويا، حادثو نيشنل هاءِ وي اين-25 تي سوراب ۾ نگر جي ويجهو پيش آيو. پوليس ذريعن جو چوڻ آهي ته ڪار ۾ ڪراچي جا پنج ماڻهو سوار هئا، جيڪي موقعي تي فوت ٿي ويا. انهن جي لاشن کي ضلعي هيڊ ڪوارٽر اسپتال منتقل ڪيو ويو آهي، حادثي ۾ ڪار مڪمل طور تي تباهه ٿي وئي، جڏهن ته ميون سان ڀريل مزدا ٽرڪ مان ميوا زمين تي ڪري پيا. پوليس موقعي تي پهچي هاءِ وي کي صاف ڪرڻ شروع ڪري ڇڏيو آهي، جڏهن ته ريسڪيو فوت ٿيلن جي لاشن کي اسپتال منتقل ڪري ڇڏيو آهي، حادثي ۾ فوت ٿيل ڪراچي جي رهواسين جي سڃاڻپ ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي پئي وڃي.

پهنجو تبصرو موڪليو