ڪراچي(اسٽاف رپورٽر) حب ڊيم ۾ پاڻي جي سطح 338 فوٽ تائين پهچي وئي آهي، حب نديءَ جي ڪناري تي رهندڙن کي محفوظ هنڌ ڏانهن منتقل ٿيڻ جي هدايت ڪئي وئي آهي.حب آبپاشي کاتي جي رپورٽ موجب، تيز برساتن کان پوءِ پاڻي جي وڏين ندين جي داخل ٿيڻ سبب حب ڊيم ۾ پاڻي جي سطح مسلسل وڌي رهي آهي.ڊيم ۾ هڪ فوٽ جاءِ بچي وئي آهي، جڏهن ته حب نديءَ اندر ريتي ۽ بجري ڪڍڻ ۽ ڪرشنگ پلانٽ جي مالڪن کي پڻ هدايت ڪئي وئي آهي ته مشينري ۽ مزدورن کي محفوظ هنڌ ڏانهن منتقل ڪن.










