7 کان 10 تائين سنڌ ۾ تيز برسات،هيٺانهن علائقن ۾ ٻوڏ جو خطرو

7 کان 10 تائين سنڌ ۾ تيز برسات،هيٺانهن علائقن ۾ ٻوڏ جو خطرو

ڪراچي (اسٽاف رپورٽر)سنڌ ۾ 7 کان 10 سيپٽمبر تائين وقفي وقفي سان تيز برساتن جو امڪان آهي، جنهن جي ڪري ڪراچي سميت سنڌ جي مختلف شهرن ۾ هيٺانهين علائقن ۾ ٻوڏ جو امڪان آهي. موسميات کاتي موجب، هن وقت هندستاني رياست مڌيا پرديش ۾ گهٽ دٻاءُ آهي. گهٽ دٻاءُ 6 سيپٽمبر تي راجستان سان ملحقه سنڌ جي علائقن تائين پهچڻ جو امڪان آهي. هن سسٽم جي ڪري، 6 سيپٽمبر کان تيز مون سون هوائون سنڌ ۽ پنجاب جي اوڀر وارن علائقن ۾ داخل ٿيڻ جو امڪان آهي. موسميات کاتي موجب، 7 کان 10 سيپٽمبر جي وچ ۾ مٺي، اسلام ڪوٽ، ننگرپار، ڇاڇرو، ڏيپلو، عمرڪوٽ، ميرپور خاص، سانگهڙ، خيرپور، شهيد بينظير آباد، مٽياري، ٽنڊوالا يار، ٽنڊو محمد خان، حيدرآباد، ٺٽو، بدين، سجاول، ڄامشورو، دادو، ڪشمور، سکر، لاڙڪاڻو، جيڪب آباد، شڪارپور، گهوٽڪي ۽ ڪراچي ۾ مينهن پوڻ جو امڪان آهي. تيز برساتن سان ڪراچي جا هيٺاهين وارا علائقا ٻڏڻ جو امڪان آهي. تيز برساتن سان ميرپور خاص، شهيد بينظير آباد، ٿرپارڪر، خيرپور، سکر، لاڙڪاڻو، ٺٽو، بدين، سجاول ۽ حيدرآباد جا علائقا به ٻڏڻ جو امڪان آهي.موسميات کاتي موجب بلوچستان جي ڪيترن ئي ضلعن ۾ به برسات جو امڪان آهي.6 کان 8 سيپٽمبر تائين اسلام آباد ۽ راولپنڊي سميت پنجاب جي ڪيترن ئي ضلعن ۾ به برسات جو امڪان آهي.موسميات کاتي خبردار ڪيو آهي ته برسات پنجاب جي ٻوڏ متاثر علائقن ۾ صورتحال کي وڌيڪ خراب ڪري سگهي ٿي، ۽ برساتي دريائن ۽ واهن ۾ به ٻوڏ جو خطرو آهي.

پهنجو تبصرو موڪليو