سلطانپور ( ن س) سلطانپور جي ڳوٺ ميهر مهر ۾ شهيد ساگر زبير احمد مھر جي ياد ۾ تعزيتي ميڙاڪو، قومي ڪارڪنن جسقم طرفان سڏايل تعزيتي ميڙاڪي ۾ سياسي سماجي ادبي تنظيمن سميت علائقي واسين وڏي تعداد ۾ شرڪت ،سنڌ جي ثقافت، شعور علم سان واڳيل انقلابي ڪردار قومي ڪارڪن ڪامريڊ ساگر زبير احمد مھر جي ياد ۾ڳوٺ ميهر مهر شهيدن ۾ تعزيتي ميڙاڪو ساگر زبير احمد مھر هن علائقي سنڌ جو انقلابي ڪردار هو، جنهن پنهنجو جوڀن ۽ جواني سنڌ سيد ۽ سنڌ جي پورهيتن جي حقن جي لاءِ انقلابي جدوجهد ڪندي گذاري ڇڏي، زندگي جي آخري گهڙين تائين هن سماجي تبديلي جي لاءِ جاکوڙ ڪئي،اهڙو اظهار ڳوٺ شھيدن مھر م ۾ ناليواري، قومي ڪارڪنن اديبن، ليکڪن،استادن ۽ ساڃهہ وندن تعزيتي ميڙاڪي کي خطاب ڪيو، تعزيتي ميڙاڪي ۾ جسقم سينيروائيس چيئرمين امجد علي خان مهيسر صدارتي خطاب ڪندي چيو تہ ڀائو زبير احمد مهر پاران پارٽي لاءِ ڪيل خدمتون وسارڻ جوڳيون نه آهن کين ڀيٽا پيش ڪندي چيو ته هو هڪ بهادر سنڌ، سيد جو سچو عاشق هو تمام گهڻو ذهين ڏاهو انسان هو، جنهن نه صرف ننڍپڻ ۾ تعليم حاصل ڪئي ڄمندي ئي ڌرتي کي پنهنجي ماءُ سمجهي چميو هن ڌرتيءَ جي مسئلن ۽ محرومين جي خاتمي لاءِ قومي جدوجهد سان گڏ شاندار تعليم حاصل ڪئي، انهيءَ ڪري هو اڄ اسانجي علائقي واسين ڇا پر پوري سنڌ جي ماڻهن جي دلين ۾ موجود آهي رهندو ، پر هو سماج جي اجتماعي جدوجهد جو نالو آهي،شهيد زبير ساگر جي ميڙاڪي کي خطاب ڪندي ڊويزنل آرگنائيزر جسقم (سکر) منصورمهر،صدارتي تقرير جسقم سنڌ جي سينئر وائيس چيئرمين امجد خان مھيسر واضح موقف ڏيندي چيو ته زبير ساگر جي موت جو سبب ان جي ٿيل چوري آهي ان لاءِ اسان چتاءُ ٿا ڏيون ايس ايس پي گهوٽڪي ڊي آئي جي سکر ۽ آئي جي سنڌ کي ته ساگر زبير جي چورن کي ۽ سھولتڪارن کي وائکو ڪري گرفتار ڪيو ويو وڃي ٻئي صورت ۾ ايس ايس پي آفيس ۽ ڊي آئي جي آفيس اڳيان ڌرڻو هنيو ويندو واضح رهي ته چور ڪجهه ڳوٺ ۽ ڪجھ ٻاهران آندل آهن ۽ اتي مقرر اهلڪارن کان به سخت جاچ ڪئي وڃي، ساگر زبير پنهنجي زندگيءَ ۾ ڪڏهن ظالم اڳيان نه جهڪيو گهوٽڪي کان سيد جي ايم سيد سن تائين جي سفر ۾ کيس سخت تڪليفون به آيون، سنڌ جي عشق ۾ جيل به ويو پر هن پنهنجي وڏي بهادري سان انهن سڀني مشڪلاتن کي منهن ڏنو، هن خاموشي سان ويهڻ کي گناهہ سمجهو، هو سيد جي ايم سيد، بشير خان قريشي جو کاهوڙي ڪردار هو، هو هن ديس جي مشعل هو ۽ ڪيتري عرصي تائين هنجو خال ڀرجي نہ سگهندو.،تعزيتي ميڙاڪي ۾،گسٽا سنڌ جي صدر مقصود احمد مهيسر، جسقم بشيرخان جي مرڪزي آرگنائيزر نصرالله ڪلادي،استاد منصور مهر، ساگرزبير احمدمهر جو فرزندياسر مهر، علي رضا خاصخيلي، استاد محبوب گهوٽو وهاب سهتو، ساگرنياز لاشاري، ذوالفقار جمالي، نور بخش بروهي، علي احمد مهر عبدالسلام ڌانڌو ،محمد عثمان مهر ،واحد بخش مهر، علي گوهر سومرو ۽ ٻين، دوستن مٽن مائٽن علائقي واسين ساگرزبيراحمد مهر جي آخري آرام گاه تي حاضري ڀري قومي ترانو سان ڀيٽا پيش ڪئي وئي، پروگرام جي ميزبان منصور مهر، واحد بخش مهر آيل مھمانن جو شڪريو ادا ڪيو ـ آخر ۾ مرحوم ساگر زبير احمد مھر جي روح کي ايثال ثواب لاءِ دعا گھري وئي










