لاڙڪاڻو:(ن س) لاڙڪاڻي جي امن کي نظر لڳي وئي ڦر واردات دوران پيرسن پيءُ نوجوان پٽ سوڌو قتل ٿي ويو جڏهن ته باقراڻي ٿاڻي جي حد ۾ ڪنبي لاڙي وٽ لاڙڪاڻو–موئن جو دڙو روڊ تي نامعلوم هٿياربندن ڦر دوران ڳوٺ ڪنڌر سهڙا جي رهواسي پيرسن عبدالقادر سهڙو ۽ سندس نوجوان پٽ فاروق سهڙو کي ڏنڊا ۽ گوليون هڻي قتل ڪري فرار ٿي ويا ، واقعو ان وقت پيش آيو جڏهن مقتول پيرسن پنهنجي نوجوان پٽ فاروق سهڙو سان گڏ مريض ڀاءُ محمد مٺل سهڙو کي صبو سويري علاج لاءِ لاڙڪاڻو اسپتال وٺي وڃي رهيو هو. وارثن موجب هٿياربند ڦورن لاڙڪاڻو موئن جو دڙو روڊ تي رڪاوٽ وجهي کانئن ڦر ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي ۽ مزاحمت تي عبدالقادر سهڙو ۽ سندس پٽ فاروق سهڙو کي ڏنڊن ۽ فائرنگ سان سخت زخمي ڪيو، جيڪو زخمن جي شدت سبب فوت ٿي ويا ، جڏهن ته هٿياربند واقعي کان پوءِ فرار ٿي ويا. واقعي کان پوءِ وارثن ۽ علائقي واسين مقتول جو لاش لاڙڪاڻو موئن جو دڙو روڊ تي رکي احتجاجي ڌرڻو هنيو، جنهن سبب لاڙڪاڻو، موئن جو دڙو،ڏوڪري، باڊهه ڏانهن ايندڙ ويندڙ ٽريفڪ معطل ٿي وئي . مظاهرين جوابدارن جي فوري گرفتاري ۽ ايس ايڇ او باقراڻي عبدالرزاق ٽڳڙ کي هٽائڻ جو مطالبو ڪيو. ڌرڻي واري هنڌ تي ڊي ايس پي ڏوڪري مير امداد علي ٽالپر ۽ ايس ايڇ او باقراڻي پهچي احتجاج ڪندڙن سان ڳالهيون ڪيون، پر مظاهرين سندن وضاحتن کي قبول ڪرڻ کان انڪار ڪيو ۽ احتجاج جاري رکيو.










