ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) سنڌ جي سينيئر وزير شرجيل انعام ميمڻ چيو آهي ته پنجاب ۾ جيڪي تباهڪارين ٿيون آهن، پيپلز پارٽي ۽ حڪومت سنڌ پنجاب جي متاثر ٿيل ڀائرن سان گڏ آهي، هن چيو ته پنجاب ۾ ٻوڏ جي صورتحال ڏک جي ڳالهه آهي ۽ حڪومت سنڌ پنجاب حڪومت سان گڏ بيٺل آهي، وزيراعليٰ ۽ وزير آبپاشي ڪل پاڻيءَ جي صورتحال مانيٽر ڪري رهيا آهن، گڊو بئراج وٽ پاڻي جو مٿانھون وھڪرو 300,232 ۽ ھيٺاھون وھڪرو 333,361، سکر ۾ مٿانھون وھڪرو 212,300 ۽ ھيٺاھون وھڪرو 266,370، ڪوٽڙي بئراج وٽ مٿانھون وھڪرو 211,870 ۽ ھيٺاھون وھڪرو 244,025 ڪيوسڪ آهي. ڪراچيءَ ۾ هڪ پريس ڪانفرنس دوران خطاب ڪندي، سنڌ جي سينيئر وزير ۽ اطلاعات، ٽرانسپورٽ ۽ ماس ٽرانزٽ واري صوبائي وزير شرجيل انعام ميمڻ چيو ته چيئرمين پيپلز پارٽي بلاول ڀٽو زرداري، گورنر پنجاب سميت پاڪستان پيپلز پارٽي پنجاب جي قيادت پڻ موجود آهي، وزيراعليٰ سنڌ سڀني انتظاميه کي الرٽ ڪيو آهي ۽ جيڪڏهن ماڻهن کي محفوظ هنڌن تي منتقل ڪرڻو پيو ته اھو بھ ڪيو ويندو، سنڌ ۾ هاڻي تائين ڪا خراب صورتحال ناهي، پوءِ به صوبائي پي ڊي ايم اي انتظام مڪمل ڪري ورتا آهن. سنڌ سرڪار حفاظتي قدمن کي يقيني بڻايو آهي ۽ چيئرمين بلاول پڻ صوبائي وزيرن سان رابطو ۾ آهن، ملڪ ۾ موجوده ٻوڏ جي صورتحال کي ڏسندي سنڌ حڪومت تياري مڪمل ڪري چڪي آهي ۽ پنجاب ۽ ڪراچي حڪومت کي هر قسم جي سھائتا جي آڇ ڪئي آهي، وزيراعليٰ سنڌ پڻ هن صورتحال کي مانيٽر ڪري رهيا آهن، جڏهن ته آبپاشي وارو صوبائي وزير ڄام خان شورو بھ سنڌو دريا جي ڀرپاسي وارن علائقن جا دورا ڪري رهيو آھي، ڪچي علائقن ۾ رهندڙ ماڻهن کي ٻاھر ڪڍڻ جو ڪم شروع ڪيو ويو آهي ۽ ڪمشنرن ۽ ڊپٽي ڪمشنرن کي پڻ هدايتون جاري ڪيون ويون آهن. شرجيل انعام ميمڻ چيو ته سنڌ ۾ في الحال ايمرجنسي جي صورتحال ناهي، پوءِ به صوبائي پي ڊي ايم اي انتظام مڪمل ڪيا آھن، اسان هنگامي صورتحال سان نبرڻ جي تياري شروع ڪئي آهي، ٻيڙيون، خيما، ڪولر ۽ رڌ پچاءُ جو سامان پڻ ذخيرو ڪيو ويو آهي، وزيراعليٰ سنڌ ٻوڏ جي صورتحال مانيٽر ڪرڻ لاءِ سيل قائم ڪيو آهي ۽ اين ڊي ايم اي سان گڏ هنگامي صورتحال کي منھن ڏنو ويندو، پيپلز پارٽي جي ايم پي ايز کي چيو ويو آهي ته اهي پنهنجن علائقن ۾ رهن، جڏهن ته ناصر حسين شاهه کي بطور فوڪل پرسن هڪ وڏو علائقو ڏنو ويو آهي. هن چيو ته حڪومت سنڌ 2010 ۾ وڏي ٻوڏ جي تباهڪاري کي منھن ڏنو هو، آخري ڀيرو آيل ٻوڏ ۾ لکين ماڻهو بي گهر ٿيا، جنهن کان پوءِ اسان ماڻهن کي ٽن وقت جو پڪل کاڌو پهچايو، ٻوڏ کان متاثر 21 لک خاندانن کي گهر ٺاهي ڏئي رهيا آهيون. ھڪ سوال جي جواب ۾ ھن چيو تھ ڊيم ٺاهڻ جي معاملي تي ٽي صوبا قراردادون پيش ڪري چڪا آهن، پر ڊيم ٺاهيا به ويا ته اهي ٻوڏ کي روڪي نه سگهندا، هن چيو ته پاڻيءَ جي قدرتي وهڪري تي آباديون ڪرڻ سان نقصان ٿئي ٿو، ڪچي واري علائقي ۾ جڏهن پاڻي اچي ٿو ته نقصان ٿئي ٿو، اسان اڳواٽ ئي ڪچي ۾ آباد آباديءَ جو ڊيٽا تيار ڪيو آهي، هن وقت اسان کي اتحاد جي ضرورت آهي ته مشڪل حالتن کي منھن ڏيندڙ ڀائرن جي مدد ڪري سگهجي، پنجاب جي دريائن مان سڄو پاڻي سنڌو ندي ۾ نه ايندو ۽ في الحال سنڌ ۾ موجود بئراجن کي ڪو خطرو ناهي. هن چيو ته روڊن جي تعمير لاءِ حڪومت فنڊ مختص ڪري چڪي آهي، مينهن جي مند ختم ٿيڻ کان پوءِ ڪراچي جي ٽٽي پيل ۽ روڊ ڪٽنگ وارن روڊن جي مرمت ڪئي ويندي، هن جماعت اسلامي جي امير تي تنقيد ڪندي چيو ته هنن اڄ تائين تنقيد ڪرڻ کانسواءِ ڪو ڪم ناهي ڪيو، اهي روز 11 وڳي پريس ڪانفرنس ڪندا آهن، انهن جا ٽائون چيئرمين موجود آهن، اهي ڪم ڪن، ڪنهن کين روڪيو آهي؟ هڪ سوال جي جواب ۾ هن چيو ته فرحان غني گرفتاري کان اڳ واري ضمانت ناهي ورتي ۽ هو قانون مطابق عدالت ۾ پنهنجو ڪيس وڙهي رهيوآھي. هڪ ٻئي سوال جي جواب ۾ سينيئر وزير شرجيل انعام ميمڻ چيو ته بدقسمتي سان پاڪستان پيپلز پارٽي خلاف سوچيل سمجهيل مهمون هلايون ويون، وڏن وڏن ميڊيا هائوسز انهن مهمن ۾ حصو ورتو، شهيد بي بي جي حڪومتي دور ۾ پڻ سندس خلاف خلاف مهمون هلايون ويون، بعد ۾ نجي چينلز آيا ته پوءِ به پيپلز پارٽي خلاف مهمون هلنديون رهيون، ڪرپشن جا الزام مختلف جماعتن تي لڳندا رهيا پر پيپلز پارٽي خلاف وڏي پيماني تي مهمون هلايون ويون، حقيقت اها آهي ته پيپلز پارٽي هر شعبي ۾ ڪم ڪيو آهي، اڄ به سنڌ جو شعبو صحت سڄي پاڪستان ۾ بهترين آهي، سنڌ پيپلز هائوسنگ اسڪيم، ٿر ڪول ۽ عورتن لاءِ ڪيڊٽ ڪاليجز جهڙا منصوبا سنڌ ۾ هلن ٿا، ٿر ڪول منصوبي لاءِ حڪومت سنڌ هر سال پئسا ڏيندي آهي، پر ان مان سڄي پاڪستان کي فائدو پهچي رهيو آهي، ماهرن اڄ مڃين ٿا ته سڄي پاڪستان ۾ سستي بجلي ڪوئلي مان ئي ٺهي سگهي ٿي، پاڪستان پيپلز پارٽي ڊگهي مدي وارا منصوبا شروع ڪيا آهن، هن چيو ته هن وقت ضرورت اها آهي ته ڪراچي شهر جا سڀ ماڻهو گڏجي شهر جي بهتري لاءِ ڪوششون ڪن،










