ڪراچي: (اسٽاف رپورٽر) پاڪستان پيپلز پارٽي جي اڳواڻ خورشيد شاهه کي سندس طبيعت خراب هجڻ ڪري ڪراچي جي اسپتال منتقل ڪيو ويو آهي.خورشيد شاهه کي نيشنل انسٽيٽيوٽ آف ڪارڊيو ويسڪيولر ڊزيز (اين آءِ سي وي ڊي) سکر مان ڪراچي منتقل ڪيو ويو.خورشيد شاهه کي وڏي وزير جي خاص جهاز ذريعي ڪراچي موڪليو ويو.










