وارثن ذهني مريض کي زنجيرون هڻي وڻ سان ٻڌي ڇڏيو

وارثن ذهني مريض کي زنجيرون هڻي وڻ سان ٻڌي ڇڏيو

چيلهار(ساجدنهڙيو) شهر جي مينگهواڙ ڪالوني ۾ 15 سالن جو نوجوان دماغي توازن صحيح نه هئڻ جي ڪري وارثن وڻ سان ٻڌي ڇڏيو. نوجوان تيجو مينگهوار جي ڏاڏي رگهو مينگهواڙ صحافين کي ٻڌايو ته پوٽو جي اهڙي حالت ڏسي دل رت روئي ٿي پر ڪري به ڇا ٿا  سگهون. هن چيو ته پاڙي ۾ 15 سالن جا نوجوان اسڪولن ۾ پڙهي رهيا آهن پر منهنجي نوجوان پوٽي کي وڻ ۾ سنگهرن سان ٻڌل ڏسي پريشان ٿيندو آهيان هن چيو ته گهر جا حالات تمام گهڻ خراب آهن ٻن ويلن جي ماني لاءِ پريشان آهيون اهڙين حالتن ۾ پوٽي جو علاج ڪيئن ڪرائي سگهون ٿا.

هن چيو ته نوجوان جو پيءَ ڪراچي ۾ مزدوري ڪري ٿو سنڌ جي وڏن وڏن اسپتالن ۾ ڇوڪرو ڏيکاريو آهي ڊاڪٽر چون ٿا ته علاج ممڪن آهي پر خرچ لکن جي تعداد ۾ ايندو. اسان صفا غريب آهيون هڪ ويلي جي لاءِ به پريشان آهيون لک ڪٿان آڻيون. هنن سنڌ حڪومت سميت اعليٰ اختيارين کان مطالبو ڪيو ته نوجوان جو سرڪاري خرچ تي علاج ڪرائي والدين ۾ پيل بي چيني ختم ڪئي وڃي.

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو