ايپل ۽ چيٽ جي پي ٽي خلاف ايلون مسڪ پاران ڪيس داخل

ايپل ۽ چيٽ جي پي ٽي خلاف ايلون مسڪ پاران ڪيس داخل

ٽيڪساس(ويب ڊيسڪ)دنيا جو سڀ کان امير شخص ايلون مسڪ، xAI نالي آرٽيفيشل انٽيليجنس (AI) ڪمپني جو مالڪ به آهي. هو اڪثر X (ٽويٽر) تي xAI جي گروڪ 4 چيٽ بوٽس جا فيچرز ڏيکاريندو رهندو آهي. هي ڪمپني ايلون مسڪ اوپن AI جي مقابلي ۾ متعارف ڪرائي هئي ۽ 2023ع ۾ گروڪ چيٽ بوٽ پيش ڪيو ويو. ان سان گڏوگڏ AI جي تربيت لاءِ سپر ڪمپيوٽرز به تيار ڪيا هئا.54 سالن جي ايلون مسڪ جي خيال ۾ AI جي شعبي ۾ سندس ڪمپني کي اوپن AI يا ڪنهن آمريڪي ڪمپني بدران، چيني ڪمپنين کان خطرو آهي ۽ انهن سان سخت مقابلي کي منهن ڏيڻو پوندو. هن هڪ X پوسٽ ۾ چيو: “xAI تمام جلد گوگل سان گڏ هر ڪمپني کي پوئتي ڇڏي اڳتي نڪري ويندي.هنن وڌيڪ ٻڌايو ته چيني ڪمپنيون سخت ترين حريف آهن، ڇو⁠ته انهن وٽ آمريڪا جي ڀيٽ ۾ تمام گهڻي بجلي موجود آهي، ۽ هو هارڊويئر ٺاهڻ ۾ بهترين آهن. گذريل سالن ۾ چين خلائي ٽيڪنالاجي، روبوٽڪس ۽ AI جي شعبن ۾ تمام گهڻي ترقي ڪئي آهي. چيني اليڪٽرڪ گاڏين جون ڪمپنيون، ايلون مسڪ جي ڪمپني ٽيسلا کي سخت ٽڪر ڏئي رهيون آهن. ساڳيءَ ريت AI جي شعبي ۾ چيني ڪمپني DeepSeek تمام تيزيءَ سان اڀري سامهون آئي آهي.

پهنجو تبصرو موڪليو