ڪراچي (پ ر ) ميئر ڪراچي بيرسٽر مرتضیٰ وهاب جي صدارت هيٺ بلديه عظميٰ ڪراچي جي صدر دفتر ۾ انجنيئرنگ کاتي جو هڪ جائزو اجلاس ٿيو، جنهن ۾ شهر ۾ جاري ترقياتي منصوبن جو جائزو ورتو ويو ۽ انهن جي وقت تي مڪمل ٿيڻ کي يقيني بڻائڻ لاءِ حڪمت عملي تي غور ڪيو ويو. اجلاس ۾ ميونسپل ڪمشنر ڪي ايم سي ايس ايم افضل زيدي، مالي معاملن جي مشير گلزار ابڙو، ڊائريڪٽر جنرل ٽيڪنيڪل سروسز طارق مغل، ميئر لاءِ سينيئر ڊائريڪٽر ڪوآرڊي نيشن اخلاق يوسفزئي ۽ ٻيا اعليٰ آفيسر پڻ شريڪ هئا. اجلاس دوران ڊائريڪٽر جنرل ٽيڪنيڪل سروسز طارق مغل ميئر ڪراچي کي بريفنگ ڏيندي ٻڌايو ته بلديه اسپورٽس ڪمپليڪس ۾ ترقياتي ڪم 25 سيڪڙو مڪمل ٿي چڪو آهي، جڏهن ته شاداب گرائونڊ ۽ شادمان آءِ ٽي سينٽر تي تيزي سان ڪم جاري آهي، ۽ اهي منصوبا جنوري کان اڳ مڪمل ٿيڻ جي اميد آهي. هن وڌيڪ ٻڌايو ته شمسي توانائي جا اوزار ملندي ئي شارع ايران کي هن مهيني جي آخر تائين سولر لائيٽن سان روشن ڪيو ويندو. ميئر ڪراچي آفيسرن کي هدايت ڪئي ته سڀئي اهم ترقياتي منصوبا، جيڪي هن وقت جاري آهن، انهن کي هر حالت ۾ ڇهن مهينن اندر مڪمل ڪيو وڃي. هن غير قانوني ڪيبل نيٽ ورڪ خلاف وڏي آپريشن جي فوري شروعات جو به حڪم ڏنو ۽ چيو ته هن حوالي سان ايف آءِ آرز ۾ ڪا به دير نه ٿيڻ گهرجي. ميئر ڪراچي امڪاني برساتن جي اڳڪٿيءَ کي نظر ۾ رکندي شهرين کي تڪليف کان بچائڻ لاءِ فوري هنگامي قدم کڻڻ جا حڪم جاري ڪيا. شفافيت ۽ مؤثر نظام کي يقيني بڻائڻ لاءِ هن هدايت ڪئي ته گهٽيءَ جي مرمت کان پوءِ روڊن کي باقاعده لکت طور تي لاڳاپيل ٽائون انتظاميا حوالي ڪيو وڃي، ۽ غير قانوني روڊ ڪٽنگ کي روڪڻ لاءِ سخت نگراني ڪئي وڃي. ميئر ڪراچي هڪ ڀيرو ٻيهر اهو عزم ظاهر ڪيو ته ترقياتي منصوبن جي وقت سر مڪمل ٿيڻ، بهتر انفراسٽرڪچر ۽ شفاف نظام ذريعي ڪراچي وارن کي بهتر سهولتون فراهم ڪيون وينديون.










